الهبچايو

الهبچايو (فلم): سٽيزن موويز جي طرفان پيش ڪيل هيءَ سنڌي فلم 18 ڊسمبر 1992ع تي رليز ٿي هئي. هن فلم جي ڪهاڻي لکندڙ، محمد بخش چانگ ۽ هدايتڪار حبيب هو. هيءَ فلم ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي، نشاط سئنيما سکر، تاج سئنيما ٽنڊي محمد خان، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۽ ممتاز سئنيما موري ۾ پردي تي ڏيکاري وئي. هيءَ فلم سنڌي سماج جي مزاج ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي عڪاسي ڪندڙ آهي. جيڪا گهڻو مشهور ٿي.


لفظ الهبچايوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو