اليعقوبي

اليعقوبي: مشهور سياح ۽ ليکڪ احمد بن ابي يعقوب بن جعفر بن وهب بن واضع الڪاتب هو، جنهن جي جواني آرمينيا ۾ گذري. ان کانپوءِ خراسان ۾ درٻار ظاهري سان وابسته ٿيو. عباسي سلطنت ۾ انشناءَ جو آفيس عملدار هو. سنڌ، هند ۽ ٻين ملڪن جو سير سفر ڪيائين. هيءُ پهريون مؤرخ آهي، جنهن سڄي دنيا جي قومن جي تاريخ عربي ۾ لکي. ان سان گڏ هن مسلمانن جي جنگين ۾ فتحن جو تفصيل سان ذڪر به ڪيو آهي. سندس ڪتاب ۾ مسلمانن جي انهن حملن جو به ذڪر آهي. جيڪي هنن سنڌ تي ڪيا. سندس لکيل ڪتاب ”ڪتاب التاريخ“ 1883ع ۾ ٻن جلدن ۾ لنڊن مان شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ انهن سڀني ڪتابن جو به احوال ڏنو آهي، جيڪي سنڌ ۽ هند جي عالمن جا ڇپيل هئا ۽ پوءِ عربيءَ ۾ ترجمو ٿيا. ان کانسواءِ يعقوبي جاگرافي بابت به هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ تاريخي مواد ملي ٿو. اليعقوبي پهريون سياح آهي، جنهن هند سنڌ جي فلسفي، حڪمت، طب علم ادب ۽ علم نجوم بابت تفصيل سان بحث ڪيو. اليعقوبي پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”هند سنڌ جا ماڻهو عقل وارا، سوچ ويچار جا ڪوڏيا آهن ۽ اهي انهيءَ حيثيت ڪري سڀني قومن ۾ اڳرا آهن. جوتش ۽ نجوم ۾ سندن ڳالهيون سڀ کان وڌيڪ صحيح نڪرن ٿيون. اليعقوبي سنڌ ۾ لکيل ڪتابن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. ’سڌانت‘ سنڌين جو مشهور ڪتاب آهي، جنهن مان سڀني علمن جون شاخون نڪرن ٿيون. طب ۾ به هنن جا دليل ۽ بحث سڀ کان اڳرا آهن. اليعقوبي جي لکيل ڪتاب مان سنڌي شهرن بابت ڪافي تاريخي ڄاڻ ملي ٿي. سندس هيءُ ڪتاب ان دؤر جي تاريخ جو عڪاس آهي، جيڪو اڄ به هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو. هو آخر ۾ مصر ويو، جتي 284هه/897ع ۾ وفات ڪيائين.


لفظ اليعقوبيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو