الک

الک (اخبار): الک اخبار، سنڌ جي منفرد اخبار هئي. 1998ع جي شروعاتي ڏينھن ۾ بشير احمد انصاريءَ الک گروپ آف پبليڪيشن جو قيام عمل ۾ آندو، جنھن پاران پھريون ڀيرو هڪ ئي وقت سنڌ جي ٽن شھرن ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد مان سنڌي اخبارالک“ جي شروعات ڪئي وئي، جنھن جو حيدرآباد ۾ ايڊيشن جو چيف ايڊيٽر ظھور انصاري ۽ ايڊيٽر منظور سولنگي هو، جڏهن ته سکر ايڊيشن جو ايڊيٽر محمد خان سولنگي ۽ ڪراچي ايڊيشن جو انچارج تاج مريءَ کي بنايو ويو. اٺن صفحن تي مشتمل هن اخبار جلد ئي مقبوليت حاصل ڪري ورتي. هن اخبار ۾ خبرن جي حوالي سان اها ڳالهه ٻين سنڌي اخبارن کان الڳ رهي ته هن اخبار ساڳئي صفحي تي خبرن جي بقايا ختم ڪئي، مڪمل خبر صفحي تي ڏني وئي. اخبار کان سواءِ هن اداري پاران مئي 1998ع کان هڪ ادبي مخزن ”سنڌ لائين“ شروع ڪئي وئي، جنھن جو اعزازي ايڊيٽر ادريس جتوئي هو. هن اداري پاران نڪرندڙ هن مخزن به سٺي مقبوليت ماڻي، ان کان سواءِ ٻارڙن جو رسالو ”شُشُر“ به جاري ڪيو ويو، جنھن جو ايڊيٽر اندرجيت لُوهاڻي کي مقرر ڪيو ويو. هيءُ ادارو ٻن سالن تائين سنڌي صحافت ۾ متحرڪ رهيو. ٻن سالن جي سفر ۾ هيءَ اخبار ڪجهه مالي مشڪلاتن سبب بند ٿي وئي.


لفظ الکھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو