امرتا

امرتا

امرتا

امرتا (رسالو): چار رنگي ٽائيٽل سان ڇپجندڙ، ڊيمي سائيز جي هن رسالي جو ايڊيٽر مشھور لوڪ فنڪار ڍول فقير جو فرزند، فقير محمد ڍول آهي. هي رسالو ’ڍول فقير فائونڊيشن سنڌ‘ پاران حيدرآباد مان، جولاءِ 2001ع کان لڳاتار نڪرندو رهي ٿو. هن رسالي جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ هن وقت منظور جوکيو ۽ مٺل جسڪاڻي شامل آهن، جڏهن ته ان کان اڳ سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي، نصير مرزا، آسي زميني، موهن مدهوش، الطاف ملڪاڻي ۽ عامر سيال به بورڊ جو حصو رهيا آهن. جڏهن ته فقير محمد اُنڙ ان جو پبلشر آهي. هي رسالو سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ ادبي رسالن ۾ خاص مقبوليت ۽ پنھنجو نمايان مقام رکي ٿو. هن رسالي پاران مختلف شخصيتن تي ڪيترائي خاص نمبر ۽ ڪارنر به ڪڍيا ويا آهن. جھڙوڪ: ’بينظير ڀٽو‘،’قمر شھباز‘، ’نصير مرزا‘، ’فوزيا سومرو‘، ’رفيق سومرو‘، ’علڻ فقير‘، ’ڍول فقير‘، ’سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي‘ وغيره. هن شماري جا هن وقت تائين 129 شمارا نڪري چڪا آهن. جن مان 100هون شمارو عام رسالي جي سائز کان وڏي سائز ۾ ’شاهه لطيف نمبر‘ طور شايع ڪيو ويو. هن رسالي جي قيمت 100 رپيا رکيل آهي.


لفظ امرتاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو