املداس/املتاس

املداس/املتاس

املتاس

املداس املتاس: هڪ قسم جو وڻ آهي، جيڪو سُهڻائيءَ جي ڪري گهرن جي اڳيان ۽ رستن تي پوکيو ويندو آهي. هن وڻ جي ڦري آڱر کان قدري ٿلهي ۽ هڪ فوٽ کن يا اُن کان ٿوري وڏي ٿيندي آهي، ڦري اول سائي ٿيندي آهي، پوءِ ڪارسري رنگ تي ٿيندي آهي. ڦريءَ کي سڪڻ کان پوءِ ”ڇمڪڻي“ چيو ويندو آهي.
ڇمڪڻيءَ کي ڀڃڻ کان پوءِ ان مان ٻج ۽ گول ٽڪليون نڪرنديون آهن. ٻج پسارڪي وکر طور ڪم نه ايندو آهي، باقي ٽڪليون ۽ انهن تي لڳل ڳر دوا طور ڪم ايندي آهي. طبي لحاظ کان اها ڳر پاڻيءَ ۾ مهٽي پيئڻ سان هلڪي جلاب جو اثر ڏيکاريندي آهي. طبيبن جي چوڻ موجب ڪيترين بيمارين ۾ فائدو ڏيندي آهي. چوندا آهن ته اها ڳر گلاب جي پاڻيءَ ۾ مهٽي گرڙيون ڪبيون ته وات جا ڦٽ ڇٽي ويندا.
املتاس، شاعرن جو پسنديده وڻ آهي. شيخ اياز جي غزل جون سٽون آهن:
ٿي املتاس تان، ڪُوڪَ ڪويل ڪري،
هو پري آ، پري آ، پري آ پري!


لفظ املتاسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو