اميناڻي

اميناڻي: آڳاٽي وقت ۾ اميناڻي شهر ۾ سنڌو درياهه جو بندر هو. هن شهر جا نيڪ مرد سيد آهن. اميناڻيءَ ۾ هڪ درويش جو آستان آهي، جنهن کي هندو ”راجل وير“ چوندا آهن ۽ مسلمان ”امير پير“ چوندا آهن. سنڌو درياهه جي وهڪري بدلجڻ ڪري اميناڻي بندر ختم ٿي ويو. اميناڻي شهر ۾ هڪ وڏو مندر هو، جنهن جا آثار اڄ به ملن ٿا. امير پير جو ميلو به هر سال لڳندو آهي. هن ميلي تي شڪارپور ۽ حيدرآباد کان هندو ياتري مقرر تاريخ تي ايندا آهن، جنهن ۾ تِل ڦُل جو انتظام، اميناڻيءَ کان لڏي ويل پانڌيئڙا ڪندا آهن.


لفظ اميناڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو