اميٽر

اميٽر

اميٽر

اميٽر (Ammeter ):اميٽر برقي ڪرنٽ جي پئمائش ڪرڻ واري اوزار کي چئجي ٿو. اهو اصل ۾ گئلوانوميٽر ئي آهي، جنهن جي پوروڇوٽ زورائتي تَڏ (resistance) ڪُوائل سان ڳنڍجي ٿي. انهيءَ پوروڇوٽ کي شَنٽ (shunt) چئجي ٿو.
اميٽر کي هميشه برقي سرڪٽ ۾ ٻين اوزارن سان سلسليوار ڳنڍجي ٿو، جنهن سان ڪرنٽ جي پيمائش ڪجي ٿي. سرڪٽ ۾ استعمال ٿيندڙ ٻين اوزارن جي ڀيٽ ۾ اميٽر جي تَڏَ بلڪل ٿوري ٿئي ٿي، تنهنڪري سرڪٽ مان گذرندڙ ڪرنٽ ۾ تبديلي نٿي ٿئي.


لفظ اميٽرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو