انب

اَنبُ: سنڌ جو هيءُ سدا بهار وڻ نه فقط پنهنجي ڦر جي لحاظ سان بهشتي ثمر لڳي ٿو، پر هن وڻ جي ڪاٺي پڻ نهايت ئي ڪارائتي آهي. انهيءَ لحاظ سان هيءُ وڻ ڄڻ ته قدرت جي طرفان سنڌ وارن جي لاءِ تحفو آهي. آڳاٽي زماني ۾ عربستان ۽ ايران جي ماڻهن، سنڌ ۾ هيءُ ميوو کاڌو هو، جنهن جو ذڪر انهن پنهنجن سفرنامن ۾ ڪيو آهي. تنهنڪري ”انب“ جو نالو به سندن ٻولين ۾ رائج ٿيو. جيئن ته عربيءَ ۾ ”انبج“ ۽ فارسيءَ ۾ ”انبه“. هن وقت انب ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: هڪڙا ”ديسي“، ٻيا ”فارمي“. آڳاٽي وقت ۾ ديسي انب هوندا هئا، جن جا قسم هي هئا: پتاشو، لڏون، ڦاروو، هاٿي ۽ گڏهه مار وغيره. هاٿي ۽ گڏهه مار وڏا ۽ وزني انب هوندا هئا. ”پتاشوانب وري ننڍو ۽ سهڻو هوندو هو. ميٺاج به منجهس گهڻو هوندو هو.
اڪبر بادشاهه جي حياتيءَ جا شروعاتي نو ڏهه سال سنڌ ۾ فتح باغ واري علائقي (ماتليءَ جي ڀرسان جوڻ واري علائقي) ۽ سيوهڻ واري علائقي ۾ گذريا هئا. ان دور ۾ فتح باغ سميت سنڌ جي گهڻن علائقن ۾ انبن جا باغ جام هوندا هئا. اڪبر بادشاهه دهليءَ جي حڪومت سنڀالڻ کان پوءِ هر سال فتح باغ مان انب گهرائيندو هو، جيڪي هو سڄو سال کائيندو هو. اهو هن طرح جو اُٺ جي چم مان ٺهيل دٻن کي اڌو اڌ ماکيءَ سان ڀري، انهن کي انبن سان ڀري، انهن جا منهن ڪُڙي ڇڏيندا هئا. ٻه ٻه دٻا هڪڙي اُٺ تي ڪڙبا هئا، پوءِ ٽيهن چاليهن اُٺن جي قطار دهليءَ ڏانهن رواني ٿيندي هئي. دهليءَ ۾ اهي دٻا توشاخاني ۾ محفوظ ٿي ويندا هئا. اڪبر بادشاهه پنهنجي دور ۾ ابوالفضل جي صلاح سان دهليءَ ۾ انبن جو هڪ باغ لڳارايو هو، جنهن ۾ هڪ لک ٻوٽا رکايا هئائين ۽ باغ جو نالو ”لک باغ“ رکيو هئائين.
موجوده دور ۾ انبن تي تجربا ڪري، انهن مان چاليهن کان وڌيڪ جنسون تيار ڪيون ويون آهن، جن کي فارمي انب چيو ويندو آهي. اُنهن انبن جي خصوصيت هيءَ آهي جو انهن ۾ ڄارو يا ريشو ڪونه ٿئي. انهن ۾ ڳر وڌيڪ ۽ ڪوئلو ننڍو ٿئي. انهن جنسن ۾ سڀ کان وڌيڪ جاذب نظر ۽ سڀني خوبين سان ٽمٽار ”سنڌڙي“ انب آهي، جنهن سڄيءَ دنيا ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي.
انب، مئي ۽ جون وارن مهينن ۾ شاخ ڏيندا آهن، يعني وڻ ۾ ڪو انب پَڪو ته سمجهبو ته انبن جو فصل لٿو. پوءِ انب وڻن مان پٽي پال وجهندا، يعني اهي مٽن، کوکن يا ڪوٺين ۾ بند ڪري رکندا. انهن ۾ ڪونه ڪو ڦر (گدرو وغيره) وجهندا، جنهن جي خوشبوءِ تي انب ٽن چئن ڏينهن ۾ پچي ويندا.
انب جو ڦرُ ڪچو هوندو، يعني ”انبڙي“ هوندي ته ان جو رنگ سائو ۽ ذائقو تمام کٽو ٿيندو، پر پڪل انب مٺو ٿيندو آهي. وڻ جا پڪا (شاخ ڏنل) انب به سٺا ۽ مٺا ٿيندا آهن، پر انبن کي پال ۾ وجهي پچائبو آهي ته تمام مٺا ۽ خوشبوءِ وارا ٿيندا آهن. ڪچن انبن (انبڙين) مان آچار ٺهندو آهي.
انبن جا ديسي وڻ 15، 20 فوٽ اوچا ٿيندا آهن. انهن جي عمر به گهڻي ٿئي ٿي. شالامار باغ ۾ لڳايل انبن جا ٻوٽا، مغل بادشاهه شاهجهان جي عهد ۾ لڳايا ويا هئا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين ڦر ڏيندا رهن ٿا.
انب جو وڻ نه رڳو ميوي جي لحاظ کان ڪارائتو آهي، پر عمارتي ڪاٺ طور به ڪم ايندو آهي، ان مان دروازن جا چؤنڪ ۽ گهرو فرنيچر به ٺهندو آهي. دهل به انب جي ڪاٺيءَ مان ٺاهبا آهن.
طبيبن موجب، انب جا طبي فائدا به آهن. انب دل، دماغ ۽ معدي کي طاقت ڏئي ٿو. جسماني قوت کي وڌائي ٿو. بدن کي ٿلهو ڪري ٿو ۽ پيشاب جاري ڪري ٿو. انب جو آچار به طبي لحاظ سان فائديمند آهي. انب کائڻ سان آنڊن، بڪين ۽ مثاني ۾ قوت پيدا ٿئي ٿي. مُنهن جو رنگ کُلي پوي ٿو. انب جي ککڙي جو پِتو تاثير ۾ ٿڌو ۽ خشڪ ٿئي ٿو، جيڪو مٺن پيشابن لاءِ مفيد آهي.
موجوده دور ۾ فارمي انبن ۾ لنگڙو، دسهري، سنڌڙي، انور رتول، ثمر بهشت، فجري وغيره مشهور آهن.
انب جي وڻ کي گهڻو ڪري ٻه مرض وڌيڪ لڳندا آهن ۽ فصل کي نقصان رسائيندا آهن. هڪ ”مَهلو“ ۽ ٻيو ”ميلي بگ“. ٻنهي مرضن جو ڪارڻ ننڍڙا جيت هوندا آهن، جيڪي انب جي ٻور توڙي پنن کي شديد نقصان پهچائي، فصل کي برباد ڪري ڇڏيندا آهن.
(1) مَهلو: هيءُ ننڍڙو جيت آهي، ليڪن نقصان تمام گهڻو ڪري ٿو. هن جيت جي مادي، جڏهن مناسب گرمي محسوس ڪندي آهي، تڏهن آنا لاهيندي آهي. خاص طرح جولاءِ مهيني جي آخر ۽ آگسٽ جي شروعات ۾، جڏهن وڻ ۾ ڦوٽهڙو پيدا ٿيندو آهي، تڏهن هن جيت جا ٻچا ٿين ٿا، جيڪي نازڪ گونچن جو رس چوسي وڏا ٿين ٿا. شديد حملي جي صورت ۾ سَينورجي ڪري، ٻوٽي جا پن ڪاراٽجي ويندا آهن ۽ فصل کي نقصان پهچندو آهي.
(2) ميلي بگ: هن جيت جي ماديءَ جو جسم اڇي مادي سان ڍڪيل هوندو آهي ۽ نر جو رنگ چاڪليٽي ٿيندو آهي. هن جيت جو حملو نومبر ۽ ڊسمبر مهيني ۾ ٿئي ٿو. وڻ جي مختلف حصن مان رس چوسي، فصل کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي.
انب جي وڻ کي انهن بيمارين کان سواءِ به ڪي ٻيون بيماريون لڳن ٿيون، جهڙوڪ: اسڪيل، ميوي جي مک، سوڪهڙو، کرٻور، اڇو سينور وغيره.
جڏهن انب جي وڻ کي مَهلو لڳي ته اُن کان اڳ يعني ٻوڪجڻ کان پهرين، ڊسمبر مهيني کان ئي ڦوهارو ڪبو آهي ۽ اُهو ڦوهارو ايزو ڊرين 250 ملي ليٽر يا ٿويڊان 300 ملي لٽر، 100 لٽر پاڻيءَ ۾ ملائي، ڦوهارو ڪبو. اهڙي نموني انب کي مهلي جي مرض کان بچائي سگهجي ٿو.
جڏهن ميلي بگ بيماري لڳڻ جو خطرو هجي ته جون ۽ جولاءِ مهينن ۾ باغ کي چڱيءَ طرح ريج ڏين، ميوي ختم ٿيڻ بعد وڻ جي هيٺ لڙڪيل شاخن کي وڍي ڇڏين ۽ ضرورت کان وڌيڪ پاڻي ڪونه ڏين. فاليڊال 300 ملي لٽر يا برلين 200 ملي ليٽر، 100 لٽر پاڻيءَ ۾ ملائي، طاقتور مشين سان ڦوهارو ڪرائبو آهي.
اهڙيءَ طرح ٻين بيمارين يعني ”اسڪيل“ جي صورت ۾ ميٽاسٽاڪس پاڻيءَ ۾ ملائي ڦوهارو ڪن، ”مک“ جي حالت ۾ ڊپٽريڪس يا نوگاس دوا جو ڦوهارو مفيد ٿئي ٿو. ”سوڪهڙي“ جي مرض لاءِ بورڊيڪس مڪسچر ۾ توتيو ۽ اڇو چُن ملائي ڦوهارو ڪن .


لفظ انبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو