انبواڻي

انبواڻي: نک (ڪڪڙيجا ):انبواڻي ڪڪڙيجن جي نک آهي ڀڳواناڻي، ڪيسواڻي ۽ مولچنداڻي به ساڳيءَ نک جا آهن. اهي سڀ اروڙ ونسي آهن. ڪي ڪيسواڻي چون ٿا ته ڪنهن لڙائيءَ ۾ سندن وڏن جو بارود کپي ويو، ۽ ان جي بدران ڪڪڙو ڪم آندائون، تنهنڪري سندن پويان ”ڪڪڙيجا“ يعني ڪڪڙي وارن (ڪڪڙي ڪم آڻيندڙن) جو اولاد سڏجڻ ۾ آيا. انبواڻين جو وڏو ڏاڏو انبومل راولپنڊيءَ ۾ رهندو هو. اتي بدامني ٿي، ته اول ملتان ۽ پوءِ روهڙيءَ ويو. پوءِ خيرپور مير صاحب واريءَ ۾ نوڪري مليس ته اتي گذارڻ لڳو. هالاڻي تعلقي ڪنڊياري مان ٻه گهر پرڻيو هو ۽ پوءِ پاڻ به هالاڻي ۾ وڃي رهيو، پر سڀ ٻار خيرپور ۾ ڄاوا هئس.
ديوان انبومل نهايت ايماندار ماڻهو هو، تنهنڪري ميرن پنهنجو مودي خانو سندس حوالي ڪيو هو. سندس پٽ ديوان سانولداس ۽ ديوان بازاري مل ڪاردار هئا. ڪنهن وقت ميرن کي سڌ پئي ته ديوان بازاري مل اڌ لک کن رپيا کائي ويو آهي ۽ حساب ڪتاب ۾ ڪوڙيون داخلائون ڪري لکيو اٿس، ته اهي پئسا ميرن جي شڪار ڪرڻ، ڪتن جي لوڌين رکڻ ۽ ڪتن کي سونين زنجيرن ٻڌڻ وغيره بلي خرچ ٿيا. ميرن يڪدم کيس نظربند ڪيو. ديوان انبومل ۾ ڪلي اعتبار هئن. تنهن تي حساب ڪتاب تپاسڻ جو ڪم رکيائون. ديوان انبومل حساب ڪتاب تپاسي، پنهنجي پٽ کي ڏوهي ٺهرايو، سندس سچائي ۽ بي ريائيءَ جو قدر ڪري، ميرن پٽس کي گناهه معاف ڪيو ۽ آئيندي لاءِ فقط تاڪيد ڪري، تارڪشي لونگي ڍڪايائون، جنهن جون ڪناريون ۽ پلو زريدار هئا ۽ تاڃيءَ ۽ پيٽيءَ ۾ اڌ پٽ ۽ اڌ زري هيس، جنهنڪري وزن ۾ نهايت ڳوري هئي. انبواڻين ۾ پوءِ هيءُ رواج پيو ته منجهائن جيڪو پرڻبو هو، تنهن کي اها لونگي چيلهه سان ٻڌندا هئا ۽ گهوٽ لاءِ اها ڀاڳ جي نشاني سمجهندا هئا. ديوان ڏيارام چپجنداس انبواڻي جو هن وقت (1946ع ۾) ٽيهتر ورهين جي ڄمار جو آهي، سو ڳالهه ٿو ڪري ته ”مان پاڻ جڏهن پرڻيو هوس، تڏهن اها لونگي چيلهه سان ٻڌي هيم. اها لونگي پوءِ تهبارون ٿي وئي ته به پراڻيءَ زريءَ جا چوويهه رپيا مليا“
ديوان انبومل کي هڪ نياڻي ۽ اٺ پٽ هئا، جن مان ٽي پٽ بازاري مل، سيٺو مل ۽ ڀارو مل بنا اولاد گذاري ويو. هن وقت هالاڻيءَ ۾ باقي سندس پنجن پٽن سانولداس، ڌرمداس، واپاري مل، موريندي مل ۽ اٺومل جو اولاد آهي.
ديوان سانولداس جو پٽ ديوان ويڙهومل هو، جنهن جو پٽ ديوان نارومل هو. ديوان نارومل جو پٽ ديوان ڀوڄراج 1880ع ڌاري ڄائو هو. انڪمبرڊ اسٽيٽس ۾ هو ۽ پنجٽيهن ورهين جي ڦوهه جوانيءَ ۾، 1915ع ۾ گذاري ويو. سندس مربي پٽ مسٽر جھمٽ مل، جيڪو حيدرآباد ۾ انسپيڪٽر آف ريجسٽريشن هو. مسٽر جھمٽ مل جو پٽ ڊاڪٽر گوبندرام، جنهن 1945ع ۾ ايل. سي. پي اينڊ ايس (بمبئي) پاس ڪئي ۽ پهريون نمبر آيو.
ديوان ڀوڄراج جو ٻيو پٽ مسٽر روپچند ڪراچيءَ ۾ ڊائريڪٽر آف سول سپلائيز جي آفيس جو سپرنٽينڊنٽ ۽ ساڳيءَ آڪهه مان ديوان شوڪتراءِ خوبچند زميندار هو. ديوان موريي مل جو پٽ ديوان روچيرام زميندار به هو، ته ٺيڪا به کڻندو هو. هن آڪهه ۾ ديوان واسومل ڌرمداس سنت پرش ٿي گذريو آهي.
1782ع ۾ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي وچ ۾ لڙائي لڳي، جنهن ۾ اصلوڪي هالاڻيءَ جو شهر زبون ٿي ويو. هاڻوڪو هالاڻيءَ جو شهر پوءِ ٻڌو. هاڻوڪي هالاڻيءَ ۾ اصلوڪي هالاڻيءَ مان، ڪن جزوي گهرن کانسواءِ ٻيا سڀ ٻين هنڌان لڏي اچي ويٺا آهن .


لفظ انبواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو