انبوري

انبوري: تار ڇڪڻ جو اوزار آهي، جنهن کي گهڻي ڀاڱي سونارا استعمال ڪندا آهن. مندريءَ (تند ڇڪڻ جو اوزار) مان تار جڏهن ڇڪي ڪڍبي آهي، تڏهن انبوري ڪم ايندي آهي. 24 ماپي (گيج) کان وٺي 32 ماپي تائين جيڪا تار ڪڍبي آهي، انهيءَ کي به انبوري سان ڇڪبو آهي. جيڪڏهن تار ڇڪڻ ۾ تڪليف ڏيندي آهي ته تار کي تيل پڻ مکيندا آهن. عموماً انبوري کي پڪڙ جو اوزار به سڏيندا آهن. ڪجهه جهونا سونارا هن کي ”جنبور“ پڻ چوندا آهن ۽ ڪي وري زنبور به چوندا آهن. لوهارڪي ڪم ۾ به انبوري استعمال ٿيندي آهي ۽ هن ۾ انبورين جا ٽي قسم 1- سنبي جي انبوري، 2- ڇيڻيءَ جي انبوري ۽ 3- عام انبوري آهن، جن جا استعمال به مختلف آهن. انبوريءَ جا ٻيا قسم به آهن.


لفظ انبوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو