انبياءِ

انبياءِ/ الانبياءِ: قرآن شريف جي ايڪيهين سورة. ان جو شان نزول اهو آهي ته ان ۾ ڪن نبين جو ذڪر آيو آهي. هيءَ سورة مڪه معظمه ۾ هجرت نبويءَ کان اڳ نازل ٿي. هن ۾ ست رڪوع ۽ هڪ سؤ ٻارهن آيتون آهن.
هن سورة جو بنيادي موضوع نبي سڳوري جي رسالت جي دعويٰ، توحيد جي دعوت، عقيده آخرت تي مشرڪن جا مختلف ۽ متضاد اعتراض ۽ انهن جي مفصل ترديد آهي. هن سورة جي ابتدا، وچ ۽ خاتمي ۾ وري ماڻهن کي غفلت تي تنبيهه ڪندي کين خبردار ڪيو ويو آهي ته سندن محاسبي جو وقت اچي ويو آهي .


لفظ انبياءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو