انجيل

انجيل

انجيل

اِنجِيلُ: ’انجيل‘ اصل ۾ يوناني لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”خوشخبري“. اصطلاحاً وحي يا پيغام رباني، جيڪو حضرت عيسيٰ عليه السلام کي بني اسرائيل جي هدايت لاءِ ڏنو ويو. هن وقت چئن مختلف ڪتابن کي انجيل چيو وڃي ٿو. جيڪي گهڻو ڪري حضرت عيسيٰ جي سوانح آهن، مگر انهن ۾ به جابجا حضرت عيسيٰ جي تعليمات ۽ معجزن جو ذڪر اچي وڃي ٿو. انهن مان پهرين ٽن ڪتابن: متي، مرقس ۽ لوقا جي انجيلن کي ”اناجيل متفقه“ قرار ڏنو ويو آهي، ڇوته انهن جو مطلب ملندڙ جلندڙ آهي. چوٿون يوحنا جو انجيل الڳ آهي. انهن چئني کان علاوه حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ايڪيهن حوارين جي تبليغي سرگرمين جي روئداد (اعمال) سندن ايڪيهن خطن ۽ مڪاشفه يوحنا عارف جي مجموعي کي ’عهدنامه جديد‘ چوندا آهن، ۽ اهو عيسائين جو آسماني ڪتاب مڃيو وڃي ٿو. انهن چئني ڪتابن کان سواءِ حضرت عيسيٰ جي تعليمات متعلق ڪئين ٻيا ڪتاب به مرتب ٿيا هئا، ليڪن اهي رد ڪيا ويا.
عيسائين وٽ ”عهدنامو قديم“ ۽ ”عهدنامو جديد“ ٻئي مقدس آهن. حضرت عيسيٰ تي جيڪو ڪتاب (انجيل) نازل ٿيو هو، اهو ته هڪڙوئي هو، پر انجيل جي نالي سان جيڪي ڪتاب بعد ۾ لکيا ويا، انهن جو تعداد لڳ ڀڳ 80 آهي.
حضرت عيسيٰ عليه السلام کان تقريباً چار سؤ سال پوءِ اختلافن کان تنگ ٿي، فقط پنجن انجيلن کي صحيح مڃيو ويو، جن مان چار اهي ئي آهن، جيڪي هن وقت عهدنامي جديد ۾ شامل آهن: (1) متيءَ جو انجيل، (2) مرقس جو انجيل، (3) لوقا جو انجيل ۽ (4) يوحنا جو انجيل. انهن ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام جا حالات زندگي ۽ احڪام گڏ ڪيل آهن، جن کي مذهبي، رسوماتي ۽ قانوني حيثيت حاصل آهي.
پنجين انجيل کي ’پطرس‘ سان منسوب ڪندا آهن، جنهن ۾ حضرت مريم جي زباني حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ننڍپڻ جا حالات بيان ڪيل آهن. حضرت عيسيٰ عليه السلام جي مقرب ترين دوست برناباس جي تصنيف ڪيل انجيل ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام کي هڪ برگزيده انسان ۽ الله جي رسول جي حيثيت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هن ۾ آخري رسول جي حيثيت سان حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي مبعوث ٿيڻ جي خبر ڏني وئي هئي، جنهن جا بني اسرائيل منتظر هئا.
حضرت عيسيٰ عليه السلام جي زباني چيو ويو آهي ته ”آءٌ مسيح نه آهيان، بلڪه مسيح مون کان پوءِ اچڻ وارو آهي.“ خود چئن انجيلن ۾ لفظي، معنوي ۽ واقعاتي اختلاف به موجود آهن .


لفظ انجيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو