انقلاب

انقلاب (اخبار ):انقلاب نالي روزاني اخبار آغا بدرالدين ڳڙهي ياسين واري، سکر مان ڪوئينس روڊ تان 1945ع ۾ سنڌي زبان ۾ جاري ڪئي هئي، جنهن جا مرحوم درمحمد اويسي ۽ علي احمد بروهي ايڊيٽر رهيا هئا. اخبار ڪانگريسي اخبارن جي مقابلي ۾ مسلم ليگ جي حامي هئي. اپر سنڌ جي مسلمانن کي بيدار ڪرڻ جي ڪم ۾ چڱو حصو ورتائين. ڪن سماجي خرابين جي خلاف به محاذ کڙو ڪيائين. حڪومت ٻه دففعا مٿس بندش وڌي، تنهن هوندي به 1958ع تائين جاري رهندي آئي.


لفظ انقلابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو