انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي

انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي

انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي

انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي: آڪٽوبر 1989ع ڌاري هندستان جي شهر پوني ۾ سنڌي اديبن پاران ڪوٺايل ادبي سيمينار ۾ يڪراءِ ٺهراءُ بحال ڪيو ويو ته هندستان ۾ سنڌي ٻولي، ادب، فن ۽ تعليم جي بقا ۽ بچاءَ لاءِ هڪ ادارو قائم ڪيو وڃي. نتيجي ۾ انهي ئي سال (1989ع) آديپور، ڪڇ ۾ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو بنياد وڌو ويو، ۽ 1990ع کان انهيءَ جون باقاعدي سرگرميون شروع ٿيون. انسٽيٽيوٽ جي آفيس، هڪ خريد ڪيل بنگلي ۾ قائم ڪئي وئي. شروع (91- 1990ع) ۾ انسٽيٽيوٽ جو خرچ پندرهن هزار ٿيو. سال 93- 1992ع ۾ اُن جي بجيٽ ساڍا ست لک رپيا ٿي. هن وقت ان جي بجيٽ تمام گهڻي مٿي آهي. انسٽيٽيوٽ جي سرگرمين ۾ جدا جدا درجن وارا سنڌي ڪلاس هلائڻ، موسيقيءَ، ناچ، چترڪاريءَ ۽ ناٽڪ جي سکيا ڏيڻ سان گڏ پرسنئلٽي ڊيولپمينٽ ڪورس، I.A.S ۽ ٻين سول سروس جي امتحانن لاءِ صلاح ۽ اڀياس جا ڪلاس هلايا وڃن ٿا. ان کان سواءِ انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ’سنڌواڻي‘، ’بليٽن‘، ۽ ’رچنا‘ ادبي مخزن جي اشاعت، رفرنس لائبرري، ڪمپيوٽر سينٽر ۽ الڳ الڳ قسمن جي لغتن کان سواءِ انسٽيٽيوٽ پاران ”ساڌو هيرانند نولراءِ اڪيڊميءَ“ جي نالي سان هڪ سنڌي ميڊيم اسڪول پڻ هلايو وڃي ٿو. هتي ڪمپوزنگ لاءِ سنڌي فانٽن جا ڪمپيوٽر ۽ سنڌي ٽائيپ رائيٽر پڻ آهن. ان کان سواءِ سنڌي پرنٽنگ جي سهوليت پڻ موجود آهي، جتان ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. هن اداري پاران پهريون ڪتاب ’نارائڻ شيام‘ جي نالي سان ڇپيو. 1993ع ۾ هن اداري ’سنڌي ناٽڪ جي اوسر‘ جي عنوان سان پريم پرڪاش جي، پي. ايڇ. ڊي ٿيسز پڻ ڇپائي پڌري ڪئي. هن انسٽيٽيوٽ پاران سنڌي ڪلامن جون ڪئسٽون پڻ جاري ڪيون ويون ۽ سنڌي ٻوليءَ، ادب، لوڪ ادب ۽ ثقافت تي ڪيترا ڪتاب ڇپايا ويا آهن. هن اداري جو بنياد وجهندڙ توڙي ڊائريڪٽر رهندڙ ٽي شخصيتون تاريخ ۾ هميشه ياد رهنديون، ڊاڪٽر ستيش روهڙا، ڊاڪٽر موتي پرڪاش ۽ لکمي کلاڻي. هن وقت ان جو ڊائڪريٽر لکمي لکاڻي آهي. هن داري جي هڪ سرگرم ڪارڪن ومي سدارنگاڻي آهي، جيڪا شاعر هئڻ سان گڏ اداري جي ادبي پروگرامن جي آرگنائيزر پڻ آهي. انسٽيٽيوٽ جي پوسٽل ائڊريس: پوسٽ باڪس نمبر 10، 2/ بي 16، آديپور، ڪڇ 370205، ڀارت آهي ۽ E-mail ايڊريس آهي: sindhlogy@wilnetnonline.net .


لفظ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو