انگاري

اَنگاري: هڪ قسم جو ٻوٽو، جيڪو اڪثر ساريال جي فصل ۾ پاڻمرادو اڀري ايندو آهي. ڏسڻ ۾ هوبهو ترن جي ٻوٽي جهڙو هوندو آهي. ٽي فوٽ کن اوچو ٿيندو آهي. هيءُ ٻوٽو نه مال جي چاري طور ڪم اچي ۽ نه ئي ٻئي ڪنهن ڪم ۾ اچي. گهڻو ڪري هي فصل لهڻ کان پهرين گڏ ڪري ڪڍيو ويندو آهي. جيڪڏهن فصل ۾ رهجي ويو ته پوءِ فصل لُبجڻ کان پوءِ پاڻمرادو ڳري سڙي ختم ٿي ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو