انگريزي

انگريزي (English): هن ٻوليءَ جا ڪوڪني (Cockney) سوس (Scouse) گوردي (Geordi) اوڀر انگيليا (East Angilia)، برمن، سائوٿو ويلز، ايڊنبرگ، بيل فاسٽ (Belfast) ڪارن وال (Cornwal) ڪمبرلينڊ (Cumberland) مرڪزي ڪمبرلينڊ (Central Cumberland) ديور شاير (Devar shire) اڀرندي ديور شاير (Eastren devar) ڊورسيٽ (Dorset) دُرهم (Durham) بولٽن لينڪ شاير (Bolton Lancashire) ريڊڪلف لينڪ شاير ناٿرميرلينڊ. نارفوڪ (Norfolk) نيوڪبسل نارٿم برلينڊ، ۽ ٻيا لھجا آهن. هي ٻولي جرمن ٻوليءَ سان 60 سيڪڙو فرينچ سان 27 سيڪڙو ۽ روسيءَ سان 24 سيڪڙو مشابھت رکي ٿي. هن ٻوليءَ جو اصل وطن برطانيه آهي، پر آمريڪا، اندورا، انگلوئلي، اروبا، آسٽريليا، برازيل، برٽش انڊيا، برٽش ورجن، آئيزلينڊ، برونائي، ڪمبوڊيا، ڪيمرون، ڪئنياڊا، ڪي مين آئيز، چين، هندوستان ۽ پاڪستان، جپان ۽ ٻيا سوين ملڪ جن ۾ انگريزي نه صرف ڳالهائي وڃي ٿي، پر تعليم جو ذريعو به انگريزي آهي. ڪيترن ملڪن ۾ برطانيا ۽ آمريڪا کان سواءِ هيءَ ٻولي سرڪاري ۽ قومي ٻوليءَ طور شامل آهي. دنيا ۾ گهڻي ڀاڱي سڄو عام ۽ سائنسي ڪم هن ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿو. ان لاءِ هن کي سائنسي ٻوليءَ سميت عالمي سطح تي رابطي جي زبان جو درجو پڻ حاصل آهي. وڪيپيڊيا موجب مختلف ذريعن کان گڏ ڪيل موجوده شماريات/ڳاڻيٽي مطابق سڄي دنيا ۾ انگريزي ٻولي ڳالهائيندڙن جو تعداد 88.6 ملين کان وٺي 108 ملين تائين آهي، جيڪو دنيا جي ڪُل آبادي جو 49 کان 58 سيڪڙو ٿئي ٿو. هي واحد ٻولي آهي، جيڪا دنيا جي مڙني ملڪن ۾ ثانوي ٻولي توڙي تعليم جي ميڊيم طور لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي وڃي ٿي. هن ٻولي کي 26 حرفن تي ٻڌل صورتخطي پڻ آهي، جنھن کي رومن الفابيٽ (Roman Alphabet) چئجي ٿو. دنيا ۾ ثانوي ٻولي طور انگريزي جي واهپي وارن ملڪن ۾ ڳالهائيندڙن جو تعداد هيٺين ريت آهي: چين ۾ لڳ ڀڳ 10000000 (هانگ ڪانگ ۽ مڪاؤ کانسواءِ، جتي انگريزي سرڪاري زبان طور ڳالهائجي ٿي). هندستان ۾ 2011ع جي ڳڻپ موجب 128279412، آمريڪا ۾ (آمريڪي ڪميونٽي سروي 2011ع-2015ع) مطابق 57594462، پاڪستان ۾ 108036049 (پاڪستان ۾ انگريزي ٻولي کي سرڪاري ٻولي جي حيثيت حاصل آهي. انتظامي/دفتري معاملن ۾ استعمال سان گڏ تعليم جو ذريعو پڻ آهي.) نائيجيريا ۾ 141040800 ماڻهو، برٽش ڪائونسل (2012ع) جي رپورٽ مطابق برازيل ۾ 10250000، بنگلاديش ۾ 16398158 روس جي آدمشماري رپورٽ (2009ع) موجب 17571787، جاپان ۾ بطور ثانوي زبان انگريزي ڳالهائيندڙن جو انگ 2766940، مئڪسيڪو ۾ (2013ع جي ڳڻپ مطابق) 15686262، فلپائن ۾ 2010ع جي رپورٽ موجب 63988955، يورو مانيٽر انٽرنيشنل رپورٽ 2011ع مطابق مصر ۾ 28101325، يوروبئرو ميٽر رپورٽ 2012ع موجب جرمني ۾ 45100000، يوروبئروميٽر رپورٽ 2006ع موجب ترڪي ۾ 12000000، يورو بئروميٽر رپورٽ 2012ع مطابق فرانس ۾ 23000000، برطانيا ۽ ويلز ۾ 2011ع جي آدمشماري رپورٽ موجب 3840000، ٿائيلينڊ ۾ (ڪرسٽل رپورٽ، 2003ع) مطابق 17121187، يوروئبروميٽر رپورٽ 2012ع موجب اٽليءَ ۾ 17000000، ڏکڻ آفريقا ۾ 2011ع جي آدمشماري رپورٽ مطابق 11493907، يوروبئروميٽر رپورٽ 2012ع موجب اسپين ۾ 10400000، ڪئناڊا جي آدمشماري رپورٽ 2016ع مطابق 10287415، يورومانيٽر انٽرنيشنل رپورٽ 2011ع موجب عراق ۾ 11000000، EF انگلش پروفيشيني انڊيڪس مطابق ملائيشيا ۾ 15200000، غانا/گهانا جي آدمشماري رپورٽ 2010ع موجب 18000000، يورو مانيٽر انٽرنيشنل رپورت 2011ع مطابق يمن ۾ 2232000، آسٽريليا جي آدمشماري رپورٽ 2016ع موجب انگريزي ڳالهائيندڙن (ثانوي زبان طور) جو تعداد 4695489، يوروبئروميٽر رپورٽ 2016ع موجب نيڌرلينڊ ۾ 15250000، ڪمبوڊيا ۾ تعليم کاتي جي گڏ ڪيل انگ اکرن مطابق 3500000، يوروبئروميٽر رپورٽ 2012ع موجب گريس ۾ 5500000، يورو بئروميٽر رپورٽ 2006ع مطابق بئلجيئم ۾ 6250000، سوئٽزرلينڊ ۾ 2008ع دوران ڪرايل ٻولي جي سروري ۾ گڏ ڪيل ڳاڻيٽي مطابق 4606600، ايٿنالاگ (Ethnologue) 2005ع جي سروي مطابق اسرائيل ۾ 6105000، هانگ ڪانگ جي آدمشماري رپورٽ 2011ع موجب 2898496، سنگاپور جي آدمشماري رپورٽ 2015ع مطابق 2345435، يوروبئروميٽر رپورٽ 2012ع موجب ڊينمارڪ ۾ 4770000 ۽ سلوواڪيا ۾ اهو تعداد 1400000 جي لڳ ڀڳ آهي. 2022ع جي يوروبئروميٽر رپورٽ مطابق فِن لينڊ ۾ 3800000، آڪسفرڊ جي هڪ رپورٽ مطابق ناروي ۾ 4500000، يورو بئروميٽر ۽ سرڪاري آدمشماري جي گڏيل رپورٽ 2006ع مطابق آئرلينڊ ۾ 237900، نيوزيلينڊ جي آدمشماري رپورٽ 2006ع موجب 508279، يورومانيٽر انٽرنيشنل رپورٽ 2011ع مطابق لبنان م 1706000 ڪرسٽل اداري جي رپورٽ 2003ع مطابق فجّي ۾ 170000 ۽ بارباڊوس ۾ 286000 ماڻهو انگريزي ٻولي (اضافي ٻولي طور) ڳالهائين ٿا. اهڙي ريت دنيا جي تقريبن مڙني ملڪن ۾ انگريزي ٻولي ننڍي وڏي پئماني تي ڳالهائجي ٿي. سياحت توڙي ٻاهرين ملڪن مان اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ به ڪيترن ئي ملڪن پاران انگريزي ٻولي جي ڄاڻ جو شرط لاڳو ڪيل آهي. هن ٻوليءَ ۾ نه صرف تمام گهڻو ادب تخليق ٿئي ٿو، بلڪه مختلف ملڪن جي ٻولين مان انگريزيءَ ۾ ترجمو پڻ ٿئي ٿو


لفظ انگريزيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو