انگور

انگور

انگور

انگور: هڪ قسم جو ميوو، جيڪو انگورن جي ول ۾ ٿيندو آهي. اِن جا داڻا کجور جيترا يا کجور کان ننڍا ٿين. هي ميوو جابلو ايراضيءَ ۾ ٿيندو آهي. هن جي پوک بلوچستان ۽ پاڪستان جي اُتر واري علائقي ۾ ٿيندي آهي، جتي قديم دور کان ٿيندي اچي ٿي. تازي ميوي کي ”انگور“ سڏين ۽ سڪل انگورن کي ”مُنقا“ ۽ ”ڪشمش“ چئبو آهي. انگور دل، دماغ، جگر ۽ بڪين کي طاقت پهچائين ٿا. انساني جسم ۾ حرارت عزيزي پيدا ڪندڙ آهن. قدرت هنن ۾ پوٽاشيم، ڪئلشيم، فاسفورس جي لوڻياٺ کان سواءِ وٽئمن اي، بي، ڊي به شامل ڪيا آهن. انگورن مان بهترين شراب ٺهندو آهي. قرآن شريف ۾ به انگورن جو ذڪر آيو آهي. نبي سڳوري صلي الله عليه وسلم جن به انگورن کي پسند ڪيو آهي. انگورن جا ڪيترائي قسم آهن، جن مان شنڊوخاني (سُندرخاني)، حسيني، وڏو تور، مسقط مشهور آهن.


لفظ انگورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو