انگڙو

اَنگڙو: مَلهه جو هڪ داءُ، جنهن ۾ هڪڙو ملهه مخالف جي ٽنگ کي آڏڙي ڏيئي، پٺتي ڌڪي، ڪيرائي وجهي. ان داءُ کي ”جانٺو“ به چئجي.
وڻ مان ميوو وغيره پٽڻ لاءِ ڪاٺي يا لوهه جي تار جو ڪنڍو، جيڪو ميوي جي ڏانڊيءَ ۾ وجهي ڇڪجي ته ميوو پٽجي اچي، ان کي به انگڙو چوندا آهن، پر جيڪڏهن ڪنڍو ننڍو هوندو ته ان کي ”انگڙي“ چوندا آهن.


لفظ انگڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو