اوجهري

اوجهري: جانور جو اهو اندريون عضوو ، جنهن ۾ جانور جو کاڌو ( گاهه وغيره ) گڏ ٿئي ٿو . اهو هڪ وڏي ڳوٿريءَ وانگر ٿئي ٿو . اوجهري رڌي کائڻ لاءِ به ڪم اچي ٿي . اها طبي لحاظ کان دير هضم غذا آهي ، تنهنڪري چوندا آهن ته اوجهريءَ کي گرم مصالحن ۾ ڳاري پوءِ کائبو ته معدي کي طاقت ايندي ، پر هن جي کائڻ کان پوءِ يڪدم پاڻي پيئڻ سان نقصان ٿيندو آهي .


لفظ اوجهريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو