اوجهه

اوجهه: گاهه کائيندڙ جانور جي اوجهريءَ ۾ پيل کاڌو. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي:
اوجهه نه ڇنڊي اوجهري، توڙي ڌوپي منجهه درياهه
اوجهريءَ ۾ اوجهه اهڙو ته چهٽيل هوندو آهي، جو اوجهريءَ کي صاف ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. ’اوجهه نه ڏيڻ’ هڪ اصطلاح آهي، معنى پنهنجو راز نه سلڻ.


لفظ اوجههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو