اور موڙي

اور موڙي (Or muri ):هي ٻولي اورمور (Ormur)، اورموئي (Ormui)، بارگستا (Bargista) ۽ بارڪي نالن سان به سڃاتي وڃي ٿي.
هي ٻولي ڪاني گرماني، لوگر (Logar) ۽ وينسي ٻوليءَ سان 27 سيڪڙو ۽ پشتو ٻوليءَ سان 25 سيڪڙي کان 33 سيڪڙو هڪجهڙائي رکي ٿي.
هي ٻولي پاڪستان ۾ ديرا اسماعيل خان، وزيرستان ۽ افغانستان جي باراڪي بارڪ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. پاڪستان ۾ هن جا 1000 ۽ افغانستان ۾، سال 2000ع ۾ هن جا 100 ڳالهائڻ وارا موجود هئا. هي موقوف ٻولي آهي. هي ٻولي هند- يورپي، هند- آريائي، براچي ٻولين جي شاخ مان آهي. هن ٻوليءَ تي درادي ٻولين جو اثر آهي. داردن وزيرستان تي جڏهن قبضو ڪيو هو ته اتي اورمڙي قبيلو آباد هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو