اورنگي

اورنگي: ڪراچيءَ جي صنعتي علائقي اورنگيءَ ۾ ڪراچيءَ کان منگھي پير طرف ستين ميل پٿر تي قبل از تاريخ ماڳ آهي. هي ڪو قديم نشان/دڙو آهي. اورنگي ۾ منگھي پير واري چشمي جي ڏکڻ- اوڀر ۾ بنجر ۽ وارياسي زمين جي ٽڪريءَ ۾ ڪي وٿون مثلاً چقمقي پھڻن جي اوزارن جا ٽڪر، ۽ ٺڪراٺو وغيره مليو آهي. جيڪو قبل از تاريخ سان واسطو رکي ٿو. اڻ چٽيل ٺڪراٺو ۽ ٿانوَ گھڻي تعداد ۾ ملن ٿا. کوٽائيءَ کان سواءِ ھن ماڳ جي وقت جو تعين ڪرڻ ڏکيو آھي. هيءُ ماڳ هن وقت قبضن جو شڪار ٿي چڪو آهي. بنگله ديش ٺهڻ کانپوءِ اتان لڏي آيل بهارين کي وڏي پيماني تي آباد ڪيو ويو. هن وقت اها پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي ڪچي آبادي آهي.


لفظ اورنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو