اوريائي لپي

اوريائي لپي

اوريائي لپي

اوريائي لپي (Oriya Script ):هيءَ پدي حرفي نموني جي لکت آهي، جنهن ۾ وينجنن کي سڀاويڪ حرف علت / لاڪنو ”اَ“ گڏيل هوندو آهي ۽ ٻيا لاڪنا مختلف اعرابون ڏئي ظاهر ڪيا ويندا آهن. حرف علت/ لاڪنا (vowels) الڳ اکري صورت ۾ ٿين، هيءَ لپي اصل ۾ برهمي خط مان نڪتل آهي. جنهن جي پهرين صورت بنگالي آهي. ان مان اوريائي لپي به نڪتي آهي. بنگالي ٻولي ڏکڻ ايشيا جي اتر وارين ٻولين جي سٿ مان آهي. هن لکت جا اکر (Characeters) خاص نموني جا آهن. هيءَ لکت گهڻو وقت کجيءَ جي وڻ جي پنن تي لکي وئي هئي، جنهنڪري اکر گول ۽ سوڙها ٿي ويا آهن. هن لپيءَ کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. 1- برهمي لکت، جيڪا گهڻو ڪري کجيءَ ۽ ناريل جي پنن تي لکي ويندي هئي. 2- ڪراني: هي لکت جو نمونو اڄڪلهه رواج هيٺ آهي. 3- گنجامي يا مدراسي: هن لکت جي نموني ۾ اکر وڌيڪ گولائيءَ ڏانهن مائل آهن. هي نمونو تيلگو لپيءَ کان گهڻو متاثر آهي.
هيءَ لپي دراوڙي ديس اوڙيسا يا اوڏر ديس ۾ لکي وڃي ٿي. هن لکت جا نشان 12 صدي عيسويءَ کان ملن ٿا ۽ اڄ تائين لکي وڃي ٿي. هن لپيءَ ۾ وينجنن جو تعداد 46 آهي، جڏهن ته حرف علت/ لاڪنا (Vowels) 10 عدد آهن. لپيءَ جو نمونو هي آهي:


لفظ اوريائي لپيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو