اوسارا

اوسارا: پار ڪڍڻ يا ماتم ڪرڻ. سنڌ ۾ جڏهن ڪنهن گهر ۾ مرتيو ٿيندو آهي ته تڏي تي ٻه عورتون، جن مان هڪ مرڻ واري جي ويجهي مائٽياڻي هوندي آهي ۽ ٻي راڄ ڀاڳ واري، اُهي پاڻ ۾ ڳراٽڙي پائي، پار ڪڍي اوسارا ڏينديون آهن ۽ ٻيون چار عورتون وراڻيءَ ۾ اوڇنگار ڪندي ورجاءُ ڪنديون آهن.
سنڌي لوڪ شاعريءَ ۾ اوسارا پڻ هڪ صنف جي حيثيت رکن ٿا. ريتين رسمن ۾ مٽ مائٽ جي مرڻ تي ۽ محرم جي ماتمي مجلسن ۾ پڙ سان گڏ يا ماتمين سان گڏ اوسارا ڏيڻ جو رواج آهي.
اوسارن ۾ وڇڙي ويل جون صفتون ۽ ڳڻ ساريا ويندا آهن ۽ پنهنجي قربت جي اهميت جو پڻ بيان ڪيو ويندو آهي. خاص ڪري جڏهن ڪنهن نوجوان مرد، جيڪو غيرشادي شده يا شادي شده هجي، ان جي مرڻ تي اوسارڻ جو انداز هانءُ ڏاريندڙ هوندو آهي.
محرم ۾ حضرت قاسم بن حسن عليه السلام جي لاءِ پڻ اهڙي ئي قسم جا اوسارا اوساريا ويندا آهن. مثال طور:
”موڙن ويلي ماريس ڙي
واڍوڙيل وري آءُ!“
”الا هاءِ هاءِ، جن جي عرش مٿي اوڇنگار“.


لفظ اوساراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو