اوقاف

اوقاف: خيراتي ڪمن جي جائداد وغيره، خيراتي جايون وغيره جيڪي خير جي ڪمن يا مذهبي ڪمن لاءِ وقف هجن (جهڙوڪ: مسجدون، مقام، مسافرخانا وغيره) تن جي سنڀال ڪندڙ کاتو. اوقاف عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو انهيءَ قسم جي جائداد بابت استعمال ٿيندو آهي، جيڪي هميشه لاءِ خيراتي ڪمن لاءِ وقف ڪيل هجن. هن وقت سنڌ جون اڪثر وڏيون درگاهون اوقاف کاتي جي حوالي آهن.


لفظ اوقافھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو