اوناڙ

اُوناڙِ: بگهڙ، گدڙ ۽ ڪُتي جي ڪُوڪَ. اهي ٽيئي جانور رات جو اوناڙيون ڪندا آهن. بگهڙ ۽ گدڙ ته جهنگ ۾ هوندا آهن، پر ڪُتو گهرو جانور آهي، جيڪو عموماً رات جي نوائيءَ ۾ اُن مهل اُوناڙ ڪندو آهي، جڏهن سڀ ماڻهو مٺيءَ ننڊ ۾ ستل هوندا آهن. ان وقت ڪُتي جي اوناڙ نهايت اڻ وڻندڙ ۽ خوفائتي لڳندي آهي، تنهنڪري ڪتي جي اُوناڙ کي نڀاڳ چوندا آهن. اصل ۾ اوناڙ بگهڙ جي ڪوڪ/ آواز آهي. ڪُتو نسلي طرح بگهڙ جي نسل مان آهي ۽ سندس اوناڙ نسلي وراثت جو اهڃاڻ ۽ جبلت آهي.


لفظ اوناڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو