اوٺيئڙو

اوٺيئڙو/ اوٺار: هيءَ ننڍڙي مڇي، سنڌوءَ ۾ گهڻي تعداد ۾ ٿيندي آهي. ننڍڙن ڇلرن واري هن مڇيءَ جو قد اڌ انچن کان ٻن انچن جي ويڪر ۽ ٻن انچن کان وڌ ۾ وڌ ڇهن انچن جي ڊيگھه جيترو هوندو آهي. هيءَ مڇي پاتپتري، يعني پلي وانگر هوندي آهي، هن جي سسي يا ڳل ڪجھه وڏا هوندا آهن ۽ اکيون پڻ وڏيون ٿين. اوٺيئڙي جا ڪجھه ٻيا قسم به هوندا آهن، جن ۾ ٿوري گھڻي ڊيگھه ويڪر جو فرق هوندو آهي. ڪي گول ”موراکيءَ“ جهڙا ٿيندا آهن، اڪثر پئينتل وارن وارياسين ڪنارن تي رهڻ پسند ڪندي آهي، جتي سندس ساٿي کٽير، ڦاٻڻا ، پليئڙا ۽ ٻيون ننڍڙيون ڪُرڙيون هونديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو