اوٽو

اوٽو: واريءَ، ڇيڻي ۽ مٽيءَ ملايل گاري مان ڏنل ليپو. وونئڻاٺين يا ڪانن جي پترن مان ٺھيل لانڍيءَ (گهر) کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ليپو ڏبو آهي، جيڪو واري، ڇيڻو ۽ مٽي ملائي ٺاهيل گاري مان ڏبو آهي. گاري جي انهيءَ هٿ کي ’اوٽو‘ چوندا آهن. صفي جي اڳيان اڱڻ ۾ ٺھيل ٿلهي کي به ”اوٽو“ چوندا آهن. سنڌ ۾ پِٽ پاراتي طور بي اولاديءَ کي اوٽو به چيو ويندو آهي. (شل اوٽو ٿي مرين).


لفظ اوٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو