اوڍا

اوڍا: اوڍو لفظ ”اوڍر“ مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ڍڪڻ وارو، پناهه ڏيڻ وارو يا سام جهلڻ وارو. هن ذات وارن لاءِ روايت آهي ته اهي ’ڪڪرالي‘ جي حاڪم ڄام ڪيھر جي چوٿين پيڙهي ۽ ڄام مناهيي جي ٽين پيڙهي مان ڄام اوڍو جو اولاد آهن. ڄام اوڍي پھرين شادي گجرات مان ويسر راءِ واگهيلي جي ڌي سان ڪئي، جنھن مان ٻه پُٽ منوهر ۽ موهڙ ٿيا.جن جو اولاد ڪڇ جا اوڍا، لاڙ جا اُڍيجا ۽ اُتر سنڌ ۾ رهندڙ هنڱورا، هنڱورجا ۽ هنڱورائي آهن، جيڪي هنڱورو پُٽ هالو پُٽ ساند پُٽ منوهر مان آهن. ٻي شادي ڪڇ مان سگال نڱامري جي ڌيءُ هوٿل سان ڪئي، جيڪو لوڪ ادب جو مشھور عشقيه داستان آهي. اُن هوٿل مان کيس ٻه پُٽ جيسل ۽ جکرو ٿيا. اڳتي هلي جکرو ’ڪڪرالي‘ جو والي بڻيو. جنھن جي پُٽ جو نالو ڏاڏي جي نسبت سان ’اوڍو‘ رکيو ويو. جنھن جي اولاد مان خاندان جو پڳدار پاڙو لالاڻي (لعلاڻي) آهي. مغل دؤر حڪومت (1716ع) ۾ نواب اعظم ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. سندس وقت ۾ صوفي شاهه عنايت کي شھيد ڪيو ويو. انهي وقت ميان يار محمد ڪلهوڙي، صوفي شاهه عنايت جي مخالفت ۾ نواب اعظم خان جي ڀرپور مدد ڪئي. جڏهن ته مقامي راڄن مان اوڍو قبيلو صوفي شاهه عنايت جي حمايت ۾ هو. 1718ع ۾ ميان يار محمد کي مغلن ’چاچڪان‘ ۽ ’روپاهه‘ وارا علائقا انعام ۾ ڏنا. 1719ع ۾ ميان يار محمد جي وفات بعد سندس پُٽ ميان نور محمد مسند تي ويٺو. جنھن شاهه عنايت جو ساٿ ڏيندڙ قبيلن کي آزارڻ شروع ڪيو. اوڍا قبيلي تي حملي جي تياري ڪري رهيو هو ته اوچتو سنڌ تي نادر شاهه ڪاهي آيو. جنهن ڪري اوڍن تي حملو ڪري نه سگهيو پر اوڍن حملي جي خوف کان ’ڪڪرالي‘ مان نڪري اُتر سنڌ جي علائقن ڏانھن لڏ پلاڻ ڪئي. سنڌ ۾ ”اوڍو“ ذات وارن جا پڳدار محمدپور، ضلعي جيڪب آباد وارا اوڍا آهن.


لفظ اوڍاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو