اوڙاهه-ناول

اوڙاهه-ناول

اوڙاهه2

اوڙاهه2 (ناول ):هي سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار غلام نبي مغل جو پهريون ناول آهي. هن ناول جو بنيادي پسمنظر بيان ڪندي خود ليکڪ لکي ٿو ته ”سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته سنڌين جو شهرن ۾ هيٺيون وچولو ڪلاس ۽ وچولو ڪلاس صدين کان وجود ۾ نه رهيو آهي ۽ هاڻي اڄڪلهه جڏهن سنڌ جي وجود جي بقا جي جنگ وڙهجي پئي ته اسين سنڌي شهري وچولي ڪلاس جي نه هئڻ ڪري، بقا جي ويڙهه ۾ هڪ اهڙي عذاب، اوريڪ ۽ اوڙاهه منجهه اڙجي ويا آهيون، جو لڳي ائين پيو ته شايد تاريخ جي پنن تان ميسارجي نه وڃون. سمن جي بادشاهت جي خاتمي سان گڏ سنڌ شعوري طور ديهي شهري علائقن ۾ ورهائجي وئي يا ڏاڍ ۽ جبر جي استعمال سان ائين ڪيو ويو.“ان نموني ارغون، ترخان ۽ مغل دور ۾ وچين ڪلاس ۽ ان سان گڏ ڪمين ڪاسبين کي جنهن خوني عمل سان شهرن مان تڙي يا ماري ڪڍيو ويو، اهو عمل ٽن سئو سالن کان برقرار آهي ۽ سنڌ کي سياسي، اقتصادي ۽ تهذيبي طرح پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن ۾ ورهاڱي (1947ع) جي لڏپلاڻ ، ون يونٽ واري زماني ۾ سنڌ ۾ ٻاهرين جي آبادڪاريءَ سان گڏوگڏ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده وچولي طبقي جي اڀرڻ يا ان جي جدوجهد جو ذڪر ڏنل آهي. ناول اوڙاهه ان سموري تاريخي جاکوڙ بابت آهي. جنهن ۾ سنڌ جي چئن سئو سالن جي سوشيو پوليٽيڪل تاريخ بيان ٿيل آهي. ڪن نقادن ناول ۾ هندو وچولي ڪلاس بابت ڏنل ڄاڻ سان اختلاف ڏيکاريو آهي، پر هي ناول سنڌ جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي تاريخ تي پهريون مڪمل ناول آهي. هن 402 صفحن تي مشتمل پڪي جلد واري ڊيمي سائيز ناول جي قيمت 200 رپيا آهي ۽ نيو فيلڊس پبليڪشن حيدرآباد جو ڇپيل 185 نمبر ڪتاب آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو