اي ڪي بروهي

اي ڪي بروهي

اي ڪي بروهي

اي. ڪي. بروهي: اي. ڪي. بروهي مشهور قانون دان، آئيني ماهر ۽ دانشور ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو الهه بخش ڪريم بخش بروهي هو، پر اي. ڪي. بروهيءَ جي نالي سان پوريءَ دنيا ۾ مشهور ٿيو. هو 24 ڊسمبر 1915ع تي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. 1937ع ۾ ڊي. جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. اي ڪيائين. ان کان پوءِ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (فلسفو) ۽ ايل ايل. بيءَ جون سندون ورتائين. تعليم جي تڪميل کان پوءِ سنڌ مدرسي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1941ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1950ع ۾ سنڌ جو ائڊووڪيٽ جنرل مقرر ٿيو. انهيءَ سال پاڪستاني وفد جي ميمبر جي حيثيت سان يونيسيڪو جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين. اتان واپسيءَ کان پوءِ راولپنڊي سازش ڪيس ۾ دعويٰ جي وڪيل طور ڪيس وڙهيو. سندس سامهون صفائيءَ جي وڪيل طور حسين شهيد سهرورديءَ جهڙو ماهرِ قانون هو. 1953ع ۾ محمد علي بوگره جي ڪابينا ۾ وزير قانون مقرر ٿيو. ان وقت پاڻ آئين ساز اسيمبليءَ جو ميمبر هو. قانوندان ۽ پارلياماني معاملن کان سواءِ اطلاعات ۽ نشريات جو کاتو به هن وٽ هو. 23 آڪٽوبر 1954ع تي وزارت تان استعيفيٰ ڏيئي ٻيهر وڪالت شروع ڪيائين. 1960ع ۾ ڀارت ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر مقرر ٿيو. 1964ع کان 1967ع تائين پاڪستان بار ائسوسيئيشن جو صدر ٿي رهيو. ڪيترين ئي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين. اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل جي فرمائش تي ”اقوام متحده ۽ انساني حق“ جي رپورٽ ترتيب ڏنائين. پاڻ جنرل ضياءُ الحق جي قائم ڪيل مجلس شوريٰ جو ميمبر هو. 1978ع ۽ 1979ع ۾ قانون ۽ مذهبي معاملن جي وزارت به هن وٽ هئي. وفات کان اڳ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جو ريڪٽر رهيو، جتان پوءِ استعيفيٰ ڏنائين. هو پاڪستان نئشنل هجره ڪائونسل جو چيئرمئن ٿي رهيو. 12 سيپٽمبر 1987ع تي لنڊن ۾ وفات ڪيائين. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان هيٺيان ٻه انگريزي ڪتاب قابل ذڪر آهن:
(i) An Adventure in Self expression.
(ii) The Testament of Faith.
ان کان سواءِ علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ ايلسا قاضيءَ جي ڪتابن جا فلسفيانه مهاڳ پڻ لکيائين.
بروهي صاحب جيئن ته علامه آءِ آءِ قاضي جو شاگرد ۽ معتقد هو، تنهنڪري علامه صاحب جي ياد ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾، علامه صاحب جي مقبري جي ڀر ۾، پنهنجي خرچ سان علامه آءِ آءِ قاضي ڪلچرل سينٽر تعمير ڪرايائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.12.24  عيسوي

اي . ڪي . بروهي: اي . ڪي . بروهي مشهور قانون دان ، آئيني ماهر ۽ دانشور ٿي گذريو آهي . سندس اصل نالو الهه بخش ڪريم بخش بروهي هو ، پر اي . ڪي . بروهيءَ جي نالي سان پوريءَ دنيا ۾ مشهور ٿيو . هو 24 ڊسمبر 1915ع تي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو .


1987.09.12  عيسوي

اي ڪي بروهي : 12 سيپٽمبر 1987ع تي لنڊن ۾ وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابل خان جکراڻي
آفتاب سومرو
ڪي بي رند
پير محمد هالائي
ارجن ڪرشن
سيد مير علي هراتي
حاجي بهرام عرف حاجي بهران
شاڪر علي شاهه
زاهد علي ڀرڳڙي
صلاح الدين شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون