اياز جاني

اياز جاني

اياز جاني

اياز جاني: نوجوان شاعر اياز جانيءَ جو اصل نالو اياز حسين ولد قربان علي ميمڻ آهي. هن رحمت پور، لاڙڪاڻي ۾ 4 آڪٽوبر 1967ع تي جنم ورتو هو. سندس تعليمي لياقت ايم. اي سنڌي ادب آهي، جيڪا هن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي. سندس مستقل رهائش نئين ديري، لاڙڪاڻي ۾ آهي، جڏهن ته ملازمت سانگي هن وقت ڪراچيءَ ۾ عارضي طرح رهائش پذير آهي. نوجوان شاعرن ۾ اياز جاني، غزل ۽ وائيءَ جو خوبصورت شاعر آهي. سندس غزل، وايون ۽ شاعريءَ جون ٻيون صنفون، سنڌي ٻوليءَ جي اڪثر ادبي پرچن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون. سندس غزلن جو مجموعو ”پن ڇڻ جا پل پٿر“ شايع ٿيوآهي. اياز جانيءَ ماهوار ”سارس“ ڪراچيءَ جي اسسٽنٽ ايڊيٽر طور 6 پرچا ترتيب ڏنا ۽ 1997ع ۾ ماهوار ”لهرون“ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر رهيو، جنهن جا پڻ هن 6 پرچا ڪڍيا. 2000ع کان ٻيهر ”سارس“ رسالو سندس ايڊيٽر شپ هيٺ نڪتو. ان جو هڪ خاص نمبر، سنڌ جي بهترين شاعر عبدالغفار تبسم جي نالي ترتيب ڏئي، ڇپرائي چڪو آهي. اياز جاني 06 جون 2016ع تي لاڙڪاڻي ۾ دل بيهڻ سبب گذاري ويو.


لفظ اياز جانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2016.06.06  عيسوي

اياز جاني 06 جون 2016ع تي لاڙڪاڻي ۾ دل بيهڻ سبب گذاري ويو.


1967.10.04  عيسوي

نوجوان شاعر اياز جانيءَ جو اصل نالو اياز حسين ولد قربان علي ميمڻ آهي. هن رحمت پور، لاڙڪاڻي ۾ 4 آڪٽوبر 1967ع تي جنم ورتو هو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحئي ڀٽو
الهنواز نواز رُڪڻائي
رامداس سوامي
سليمان شاهه لڪياري
شيڪسپيئر وليم
اسماعيل اداسي
اسد چاچڙ
شاهده کوکر
شيخ محمد محفوظ ٺٽوي
پرڀو وفا
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون