اياز سومرو

اياز سومرو

اياز سومرو

اياز سومرو: مشھور سياستدان ۽ وڪيل محمد اياز سومرو ولد خدا بخش سومرو 31 ڊسمبر 1958ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڪالت جي شروعات ڪئي. هو شاگرديءَ واري زماني کان پ پ سان وابسته رهيو ۽ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو عھديدار رهيو. اياز سومرو شاگرديءَ جي زماني کان وٺي ايم. آر. ڊي تحريڪ تائين مختلف وقتن تي جيلن ۾ ويندو رهيو. 1987ع ۾ ٽائون ڪميٽي لاڙڪاڻي جو ڪائونسلر ٿي رهيو. هن سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ انگلنڊ جا دورا پڻ ڪيا. 2002ع جي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. پيشي جي لحاظ کان وڪيل اياز سومرو 2008ع جي چونڊن ۾، لاڙڪاڻي جي تڪ PS-37 تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيڻ کانپوءِ قانون ۽ پارلياماني معاملن جو صوبائي وزير ٿي رهيو. 2011ع ۾ جيل ۽ هائوسنگ جون اضافي وزارتون به سندس حوالي رهيون. 2013ع کان 2018ع تائين قومي اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو. سپريم ڪورٽ بار ائسوسيئيشن جو ميمبر ۽ ڏهن سالن تائين ڊسٽرڪٽ بار لاڙڪاڻي جو صدر ٿي رهيو. 20 مارچ 2018ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.


لفظ اياز سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2018.03.20  عيسوي

اياز سومرو 20 مارچ 2018ع تي گذاري ويو.


1958.12.31  عيسوي

اياز سومرو لاڙڪاڻي ۾ 31 ڊسمبر 1958ع تي جنم ورتو



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد علي خان جلباڻي
بشير احمد خان لغاري
ارباب ذڪاءُ الله
الهه بخش سومرو شهيد
امير بخش ڀٽو
امداد علي پتافي
بچاڻي شمشاد بيگم
بقادار شاهه سيد
اختر مينگل
اياز سومرو
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون