اياز علي شاهه شيرازي

اياز علي شاهه شيرازي: ٺٽي ضلعي جي مشھور سياستدان اعجاز علي شاهه شيرازيءَ جو فرزند سيد اياز علي شاهه شيرازي 20 آگسٽ 1976ع تي، ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي. 2002ع ۾ ٺٽي ضلعي جي تڪ NA-237 ۽ 2008ع ۾ NA-238 تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 2013ع ۽ 2018ع وارين عام چونڊن ۾ NA-231 سجاول واري تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. روزاني ’هلال پاڪستان‘ ۽ ’عوامي سوچ‘ ڪراچيءَ جو نگران رهيو آهي. هن وقت ڳوٺ سيدپور، تعلقي ۽ ضلعي سجاول ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ اياز علي شاهه شيرازيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو