اياز گل

اياز گل

اياز گل

اياز گُل: سنڌي ٻوليءَ جي مشھور ۽ نمائنده شاعر اياز گل جو پُورو نالو اياز علي ولد رجب علي دَلُ آهي. 06 مارچ 1959ع تي سکر ۾ پيدا ٿيو. کيس ننڍپڻ کان ئي علم ۽ ادب سان لڳاءُ رهيو، ادبي دنيا ۾ اياز گُل جي نالي سان مشھور آهي. هُن 1980ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1981ع ۾ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) ۽ 1984ع ۾ ايل ايل بي جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيون. 1983ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر مقرر ٿيو. ساڍا ستَ سال سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. جتان هُو 5 مارچ 2019ع تي سنڌي شعبي جي سربراهه ۽ سچل چيئر جي ڊائريڪٽر جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو. اياز گل نوجوانن ۾ مقبول شاعر آهي، هُن 1971ع کان شاگردي واري دور ۾ شاعريءَ جو آغاز ڪيو، سندس شروعاتي شعرَ 1973ع ۾ ”اديُون“، ”سوجهرو“، ”هوشو“۽ ”ماروئڙا“ رسالن ۾ شايع ٿيا. هيل تائين ٻين ڪتابن کان علاوه سندس 7 شعري مجموعا ڇپجي چُڪا آهن. ٻاراڻي ادب ۾ پڻ اياز گل جو نالو نمايان رهيو آهي. تازو يو ايس ايڊ پاران پاڪستان ريڊنگ پراجيڪٽ تحت سندس ٻارن لاءِ لکيل ٽي ڪتاب پڻ شايع ٿيا آهن. اياز گُل کي سچل ايوارڊ، بيدل ايوارڊ، سنگت اوارڊ سان گڏ علمي ادبي خدمتن، ڪتابن ۽ شاعريءَ تي پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرز، سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئيشن ۽ ٻين ادارن پاران پنجاھَ کان وڌيڪ اوارڊ پڻ مليا آهن. هُو شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾، ”تنوير عباسي ڪارنر“ ۽ ”شيخ اياز چيئر“ جو انچارج ڊائريڪٽر ۽ ٽيچرس ائسوسيئيشن (سلوٽا) جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. کيس 2021ع جو صدارتي اوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي پڻ ڏنو ويو آهي. اياز گُل سُٺو فوٽوگرافر پڻ آهي. موسيقيءَ سان گهڻي دلچسپي اٿس. سندس گهر ۾ آڊيو، وڊيو ڪئسيٽن ۽ تصويرن جي لائبريري آهي. اياز گل 1996ع کان 1998ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. ان کان علاوه کيس مختلف انتظامي ۽ اعزازي ذميواريون پڻ مليون آهن. هُو سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري، سنڌالاجي ۽ انٽرميڊيٽ بورڊ سکر جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ ۽ سينٽ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. ان کان علاوه سکر آرٽس ڪائونسل جي ادبي شعبي جو ڪنوينر پڻ آهي. اياز گل سچل چيئر جي قيام وقت، ڪجهه عرصو ريسرچ ائسوسيئيٽ طور ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان گڏ به ڪم ڪيو. سنڌي شعبي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي تحقيقي جرنل”ڀٽائي“ ۽ سچل چيئر جي تحقيقي جرنل ”آشڪار“ جو ايڊيٽر ۽ معاون به رهيو آهي. سکر مان ”پارس پبليڪيشن“ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي رسالي ”سنگت“ جو بنياد وڌائين. سندس ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: ”سوچون سُرها گُل“ (تاج جويي سان گڏ شاعري: 1978ع)، ”گُل ۽ تارا“ (ٻارن لاءِ شاعري: 1979ع)، ”پِيلا گلَ پلاند ۾“ (غزلَ: 1980ع)، ”ڏينھن ڏِٺي جا سپنا“ (شاعري: 1984ع)، توبن ڪھڙا ڇانورا (شاعري: 1992ع)، ”دُک جي نه پُڄاڻي آ“ (شاعري: 1997ع)، ”ميلي جي تنھائي“ (شاعري: 2012ع)، ”خلقڻھار“ (ٻارن لاءِ شاعري: 2017ع) ”پنھنجو هي اسڪول (ٻارن لاءِ شاعري: 2017ع)،” راند روند (ٻارن لاءِ شاعري: 2017ع)،”سکر جون يادگيريون (سھيڙيل ۽ ايڊٽ ڪيل: 2001ع)،” پوان شلَ قبول“ (تنوير عباسيءَ تي لکيل مقالن جي ترتيب: 2006ع)، ”روشن آ سانجهي“ (ايڊيٽنگ ۽ ترتيب: 2008ع)، ننڊ پري (ٻارن لاءِ گيت ۽ نظم 2021ع)، Mysticism, Sindh and Sachal Sarmat (Compilation), The Exciled Memories (Translation with Latif Noonari, 2021)


لفظ اياز گلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.03.06  عيسوي

نئين ٽهيءَ جو نمائندو شاعرآهي، سندس پُورو نالو اياز علي ولد رجب علي دَلُ آهي. 06 مارچ 1959ع تي سکر ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خليفو نبي بخش لغاري
سرڪش سنڌي
عطا حسين حافظ بجاراڻي
ڀڳت جُمڙو مل
آنند پرڪاش مهاتما
پئبلو نرودا
الهنواز نواز رُڪڻائي
مير عبدالله ٺٽوي سبزواري
پٺاڻ محمد اڪرم
پرسوز بخاري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون