ايرنڊي

ايرنڊي: هيرڻ جو وڻ. سنڌ ۾ ايرنڊيءَ جي پوک ننگرپارڪر تعلقي ۾ وڌيڪ ٿيندي آهي. باقي سنڌ ۾ به هيرڻ جو وڻ نظر ايندو آهي. هيرڻ جو ٻج ڇڳن جي صورت ۾ ٿيندو آهي. هيرڻ جي ٻج جي کل کي مختلف مصنوعات، مثال طور؛ نائيلون، پلاسٽڪ، وارنش، مصنوعي چمڙي ۽ ڪپڙي جي صنعت ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو