ايلاچو

ايلاچو: هڪ قسم جو رنگين ريشمي پٽاپٽي ڪپڙو، جنهن تي ايلاچين جهڙا گل ٻوٽا ڇپيل هوندا آهن. آڳاٽي وقت ۾ هن ڪپڙي جو چالامان هوندو هو ۽ وڏ گهراڻيون عورتون هن ڪپڙي کي پسند ڪنديون هيون. هي ڪپڙو سوداگر ولايت مان آڻيندا هئا. خاص ڪري هي ڪپڙو چين ملڪ مان ايندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو