ايم آر ڊي

ايم. آر. ڊي / آر ڊي'>ايم آر ڊي(M.R.D ):هيءَ تحريڪ پاڪستان ۾ حڪومت جي مخالف ڌر جي پارٽين گڏجي، فيبروري 1981ع ۾ صدر ضياءُ الحق تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ هلائي هئي ته جيئن هو 1973ع جي آئين موجب غيرجانبدار چونڊون ڪرائي. هن تحريڪ ۾ هيٺيون 11 سياسي پارٽيون شامل هيون: پاڪستان پيپلزپارٽي، جميعت علماءِ اسلام، نئشنل عوامي پارٽي، نئشنل ڊئمو ڪرئٽڪ پارٽي، پاڪستان ڊئموڪرئٽڪ پارٽي، عوامي تحريڪ، پاڪستان مزدور ڪسان پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ (خواجه خيرالدين گروپ)، پاڪستان نئشنل پارٽي، قومي محاذ آزادي ۽ تحريڪ استقلال.
هن تحريڪ جو بنياد، 6 جنوري 1981ع تي لاهور ۾ پيو. سنڌ ۾ صحيح معنيٰ ۾ تحريڪ جي شروعات 1983ع ۾ ٿي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي ان وقت جي سنڌ جي صدر غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ عوام روڊن تي نڪري آيو. مظاهرا ۽ هڙتالون ڪيائون، تنهنڪري ڪافي گرفتاريون به ٿيون. پي. پي. پي جي ڪارڪنن ۽ سرڪاري ايجنسين جي وچ ۾ هنگاما ٿيا. تحريڪ وڏي پيماني تي هلي، پر جنرل ضياءُ الحق مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪيو.
1986ع ۾ ٻيهر ايم. آر. ڊي تحريڪ هلائي ويئي. هن ڀيري تحريڪ استقلال ايم. آر. ڊيءَ کان جدا ٿي چڪي هئي. هن تحريڪ دوران سنڌ کي وڏو نقصان رسيو. سوين سنڌي نوجوان، فوجي حڪومت هٿان شهيد ٿي ويا. هن تحريڪ ۾ خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ، دادوءَ، سڪرنڊ، موري، نوشهري فيروز، ڳوٺ طيب ٿهيم، ڳوٺ احمد خان برهماڻيءَ جا سوين انسان قتل ٿيا ۽ سنڌ جو آواز عالمي سطح تائين پهتو. 1988ع جي عام چونڊن کان ٿورو اڳ هي اتحاد (ايم. آر. ڊي) ختم ٿي ويو. هر پارٽي الڳ الڳ ٿي وئي. پيپلزپارٽي اڪيلي سر، وڏي پارٽي هئڻ جي ناتي، چونڊن ۾ حصو ورتو، جڏهن ته ٻين پارٽين مسلم ليگ سان اتحاد ڪري ”اسلامي جمهوري اتحاد“ (آءِ. جي. آءِ) جو بنياد رکيو.

wikipedia
http://en.wikipedia.org/wiki/Movement_for_the_Restoration_of_Democracy


لفظ ايم آر ڊيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1981.02.00  عيسوي

ايم . آر . ڊي / ايم آر ڊي ( M . R . D ) : هيءَ تحريڪ پاڪستان ۾ حڪومت جي مخالف ڌر جي پارٽين گڏجي ، فيبروري 1981ع ۾ صدر ضياءُ الحق تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ هلائي هئي ته جيئن هو 1973ع جي آئين موجب غيرجانبدار چونڊون ڪرائي .


1981.01.06  عيسوي

ايم آر ڊي تحريڪ؛ هن تحريڪ جو بنياد ، 6 جنوري 1981ع تي لاهور ۾ پيو . سنڌ ۾ صحيح معنيٰ ۾ تحريڪ جي شروعات 1983ع ۾ ٿي .


1986.00.00  عيسوي

1986ع ۾ ٻيهر ايم . آر . ڊي تحريڪ هلائي ويئي . هن ڀيري تحريڪ استقلال ايم . آر . ڊيءَ کان جدا ٿي چڪي هئي .


1988.00.00  عيسوي

سنڌ جو آواز عالمي سطح تائين پهتو . 1988ع جي عام چونڊن کان ٿورو اڳ هي اتحاد ( ايم . آر . ڊي ) ختم ٿي ويو . هر پارٽي الڳ الڳ ٿي وئي .



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنجاب آرٽس ڪائونسل
الهلال ڊرامٽڪ سوسائٽي
پاڪستان نئشنل سينٽر
پاڪستان پوسٽ آفيس
سلات تنظيم
انٽرنيشنل پيس بيورو
چانڊڪا اِميچوئرس ڊرامئٽڪ سوسائٽي لاڙڪاڻو
شهري بچاءُ
ايم آر ڊي
اسڪالرز اڪيڊمي
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون