ايم ايڇ پنهور

ايم ايڇ پنهور

ايم ايڇ پنهور

ايم ايڇ پنهور: سنڌ جو ممتاز محقق ۽ تاريخ نويس، زرعي انجنيئرنگ ۽ زير زمين پاڻي جو پارکو محمد حسين ولد حاجي خان پنھور. 25 ڊسمبر 1925ع تي ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ابراهيم ڪَچِي ۾ ڄائو. 1949ع ۾ اين. اي. ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ مان مڪينيڪل ۽ اليڪٽريڪل ۾ بي. اي ڪيائين. 1953ع ۾ آمريڪا مان زرعي انجنيئرنگ ۾ ايم. ايس. سيءَ جي ڊگري ورتائين ۽ موٽي اچي سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو. پھرئين سنڌ ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ٿيو، بعد ۾ سنڌ ۽ بلوچستان زراعت جو سپرنٽينڊنگ انجنيئر مقرر ٿيو. 1969ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏي، سنڌ جي تاريخ، جاگرافيءَ، قديم آثارن، معدنيات، پاڻي، فصلن ۽ ميون تي باقاعده تفصيلي تحقيق ڪرڻ شروع ڪيائين. زير زمين پاڻيءَ (Underground water) بابت سندس ڪتابن کي هڪ منفرد سَند جي حيثيت حاصل آهي. پنھور صاحب عالمي شهرت يافته عالم ۽ محقق هو. سندس ذاتي لائبريريءَ ۾ ڪتابن جو تعداد سٺ هزارن کان مٿي آهي. ان کان سواءِ هزارن جي تعداد ۾ ناياب نقشا پڻ موجود آهن. ان کان سواءِ سون جي تعداد ۾ سندس عالمانه مقالا لکيل ۽ ڇپيل آهن. پاڻ مھراڻ يونيورسٽيءَ جو وزٽنگ پروفيسر به رهيو. متعدد ڏيھي ۽ پرڏيھي تحقيقي ادارن جو ميمبر به رهيو. حڪومت پاڪستان سندس علمي خدمتن جي اعتراف ۾ ”ستاره امتياز“ ڏنو. سندس تصنيفن مان مکيه ڪتاب هيٺيان آهن: (1) ”مسلم عورت“، (2) ”پيرائتي سنڌ ڪٿا“، (3) ”تصوير سنڌ“، (4) ”آپ بيتي جڳ بيتي“، (5) ”آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي“، (6) ”سنڌ ۾ ريجاڻي تاريخ جا ڇھه هزار سال“، (7) ”سنڌ شناسي“، ( Ground Water, (9) Source Material on Sindh, (10) Sindh Cutch Relations, (11) Cronological Dictionary of Sindh, (12) History of Sindh Irrigation, (13) Water requirement of reverian area of Sindh, (14) An illustrated Historical Atlas of Soomra Kingdom of Sindh, (15) Khirthar, (16) Post Harvest technology of Mangoes, (17) Six Thousands years of History of Irrigation of Sindh, (18) Autobiography, (19) Sindh Studies, (20) On Sindh. ايم ايڇ پنھور 21 اپريل 2007ع تي وفات ڪئي. سندس وڏو پٽ سني پنھور، لاس اينجلس ۾ مقيم آهي ۽ ٽرسٽ جو چيئرمين به آهي. ايم ايڇ پنھور ٽرسٽ جي ڪوششن ۽ ثقافت کاتي جي تعاون سان ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز ڄام شوري ۾ قائم ٿيو آهي، جنھن جي لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ٽي ايڪڙ زمين ڏني، جنھن ۾ مرحوم عالم جو سمورو علمي خزانو محفوظ ڪيو ويو آهي. ٽنڊي ڄام ڀرسان ايم. ايڇ. پنھور زرعي تجرباتي فروٽ فارم اندر سندس آخري آرامگاهه آهي.


لفظ ايم ايڇ پنهورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.12.25  عيسوي

سنڌ جو ممتاز محقق ۽ تاريخ نويس، زرعي انجنيئرنگ ۽ زير زمين پاڻي جو پارکو محمد حسين ولد حاجي خان پنھور. 25 ڊسمبر 1925ع تي ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ابراهيم ڪَچِي ۾ ڄائو.


2007.04.21  عيسوي

ايم ايڇ پنھور 21 اپريل 2007ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳت سنگهه
چوچڪ بيگم
بهادر خان علياڻي
ضياء الدين ضياء
سويتا ڪيسواڻي
جلال الدين مخدوم جهانيان جهان گشتت
شهداد خان ٽالپر اول
جان محمد عباسي فدا
رامچندر ڀڳت
پيرزادو مير محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون