اين جي مجمدار

اين جي مجمدار: مشھور آرڪيالاجسٽ اين. جي. مجمدار جو پورو نالو ’نوني گوپال‘ هو. ’نوني‘ بنگالي زبان جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ’مکڻ‘ ۽ اصطلاحي معنيٰ موجب پيارو. نوني گوپال جي معنيٰ ٿي ”گوپال جو پيارو“. مجمدار اصل ۾ موضع دار آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ”ڳوٺ، شھر يا وستيءَ جو وڏيرو“. موضع مان بدلجي ”موجع“ ٿيو ۽ رفته رفته اهو موجمدار/ ’مجمدار‘ بڻجي ويو، حالانڪ هو ڪو وڏيرو ڪونه هو. جيئن ڪن ذاتين جا ماڻهو پنھنجي ڌنڌي يا عھدي سبب ان ذات جا ٿي ويا آهن. جيئن مفتي، قاضي، آخوند، وغيره. توڙي جو مفتي، قاضي ۽ آخوند به ڪا ذات نه آهي. مجمدار جو جنم پھرين ڊسمبر 1897ع ۾ ٿيو. هن ڪلڪتي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. هو يونيورسٽيءَ جو هڪ ذهين ۽ هوشيار شاگرد هو. 1920ع ۾ ايم. اي جو امتحان پاس ڪيائين. ڪجهه ورهيه ساڳيءَ يونيورسٽيءَ ۾ استاد ٿي رهيو. سال 1924ع ۾ هو راجشاهي عجائب گهر ۾ ڪيوريٽر (Curator) مقرر ٿيو. سنسڪرت ۽ پراڪرت ٻولين جو ماهر هو. پراڻا ڪتبا پڙهڻ ۽ سڪن سڃاڻڻ جو پڻ ماهر هو. قديم کنڊرن بابت کوجنا ڪرڻ جو کيس تمام گهڻو شوق هو. هو قديم آثارن جي ماهرن، سر جان مارشل، ديارام ساهني ۽ اي. جي. ايڇ. مئڪي سان موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو. هو سال 1927ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو ۽ حياتيءَ جي آخري گهڙين تائين ان عھدي تي فائز رهيو. جيئن ئي هو هن کاتي ۾ آيو ته جلد ئي کيس لاڙڪاڻي ويجهو ’جهڪر جي دڙي‘ جي کوٽائيءَ لاءِ موڪليو ويو. انکانپوءِ هن سنڌ جي ڪاڇي واري علائقي جوهي، سيوهڻ ۽ ڪوهستان ۾ سال 1929ع کان 1930ع تائين کوٽائي ڪرائي. هن انهن علائقن ۾ 62 نھايت ئي اهم ماڳ ڳولي لڌا، جن مان ڪن جو تعلق تاريخ کان اڳ واري دور سان هو، ته ڪن جو وري ٽامي واري دور سان هو. سال 1938ع ۾ هن وري کوٽائي ۽ کوجنا شروع ڪئي. هن ڀيري هن کيرٿر ۽ ان جي ڀر واري ٽاڪرو ميداني علائقن ۾ کوجنا ڪئي. ٿوري ئي وقت ۾ هن اهڙا ماڳ ڳولي لڌا، جن جو تعلق ٽامي جي دور سان هو. سندس ڪتاب ”سنڌ ۾ قديم کنڊرن جون کوٽايون ۽ کوجنائون“ وڏي اهميت رکي ٿو. سنڌ جي قديم آثارن تي ٿيل جملي کوجنا جو جيڪڏهن جائزو وٺنداسين ته ان ۾ بنگالي آرڪيالاجسٽ اين. جي. مجمدار جو نالو هڪ تيز رفتار مھم جُو طور سامهون ايندو. وڏو کوجنائي ماهر هو. هن پنھنجي 41 ورهين جي ڄمار ۾ هڪ وڏو ڊگهو ۽ اڻانگو ڪم ڪري اهڙو مثال قائم ڪيو، جو هو هن وقت آرڪيالاجيءَ جي ماهرن لاءِ هماليه جيڏي هڪ بلند ڪسوٽي بڻجي ويو آهي. هونئن ته هن ڪيتريون ئي کوجنائي مھمون هلايون، پر سنڌ ۾ سندس ڪم سڀ کان جاندار رهيو آهي. کوجنائي مھم دوران مجمدار آمري، چانهوءَ جو دڙو، جهڪر جو دڙو، ڪاهوءَ جو دڙو، ڪلان ڪوٽ، سڌيرڻ جو دڙو، ڌامراهه جا دڙا، علي مراد، گاجي شاهه، پانڌي واهه، ڊنب بڍي، معصوم جي بٺي، روهيل جو ڪنب ۽ ٿرڙ ٽڪريءَ سميت وڏي تعداد ۾ قديم تاريخي کنڊر ۽ دڙا دريافت ڪري، تاريخ جي وکريل ۽ وڃايل ورقن کي سانڍي، سنڌ جي تمام وڏي خدمت ڪئي. اها به ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته جيڏي سنسني خيزي مجمدار جي پنھنجي مزاج ۽ زندگيءَ ۾ هئي، جنھن ڪارڻ هو ايڏو وڏو کوجنائي ماهر ٿي ويو هو ته سندس موت به ڏاڍو ڏکوئيندڙ نموني ٿيو. سندس بي وقتائتو موت سنڌ ۾ ئي سندس آخري مھم دوران ٿيو، جيڪا هن 27 آڪٽوبر 1938ع کان دادو ضلعي ۾ شروع ڪئي هئي. بدقسمتيءَ سان هن کي 11 نومبر 1938ع تي جوهي تعلقي ۾ نئين گاج ڀرسان روهيل جي ڪنڀ يا ڪُن واري قديم دڙي وٽ ڌاڙيلن اوپرو ۽ خزانو کوٽيندڙ سمجهي قتل ڪري ڇڏيو هو. پاڪستان جي قديم آثارن وارو وفاقي کاتو ان جاءِ تي ڪو يادگار ٺھرائي، جتي آرڪيالاجيءَ جي ايڏي وڏي ماهر آخري دم ڏنو هو، اِها اُن لاءِ فخر جي ڳالهه چئبي.


لفظ اين جي مجمدارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.00.00  عيسوي

اين جي مجمدار جو جنم 1897ع ۾ ٿيو .


1927.00.00  عيسوي

هو سال 1927ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو ۽ حياتيءَ جي آخري گهڙين تائين ان عهدي تي فائز رهيو .


1938.11.11  عيسوي

اين .جي .مجمدار کي بدقسمتيءَ سان 11 نومبر 1938ع تي جوهي تعلقي ۾ نئين گاج ڀرسان روهيل جي ڪنڀ يا ڪُن واري قديم دڙي وٽ ڌاڙيلن اوپرو ۽ خزانو کوٽيندڙ سمجهي قتل ڪري ڇڏيو هو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راڄپر عبدالحڪيم سرائي
رميش چوڌري
عبدالتواب خان ڊاڪٽر
چراغ شاه
نسرين چانڊيو
ڀوڄراج شيوڪ
مريم مختيار شيخ
حافظ محمد موسيٰ ڀٽو
حميد شيخ
عبدالجبار وڪيل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون