اَبر

اَبر: ابر فارسي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: ميگهه، برسات وارو پاڻي، وسندڙ مينهن، بادل يا ڪڪر وغيره. اصطلاحي زبان ۾: آسمان ۾ ڀريل ڪڪر کي ”ابر“ چئبو آهي.

لغوي لحاظ کان ”ابر“ ڪيترن ئي محاورن ۾ استعمال ٿئي ٿو. مثلاً: رحمت واري ڪڪر (مينهن) کي ”ابرِ رحمت“، بهار جي موسم ۾ وسندڙ ڪڪرن کي ”ابرِ بهار“، ٻاجهه واري ڪڪر کي ”ابرِ ڪرم“، موتي پيدا ڪندڙ ڪڪرن کي ”ابرِ عليظ“، ڪاري وسندڙ ڪڪر (ڪارونڀار) کي ”ابر سياه“، عام وسڪاري (وسندڙ) واري ڪڪر کي ”ابرِ مطير“ ۽ ٻوڙان ٻوڙ (سمنڊ، تلاءَ ۽ ڍنڍون ڍورا بڻائيندڙ) ڪڪرن کي ”ابر مرده“ نالن سان سڏبو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو