اُکري

اُکِري: گهريلو استعمال جو هڪ ٿانءُ ، جيڪو ٺڪر جو به ٿئي ته ڪاٺ ۽ پٿر مان به ٺهي ٿو . اُکريون ٻن ڪمن ۾ گهڻو استعمال ٿين ٿيون . هڪ ڪُٽڻ جي ڪم ۾ اچي ته ٻي ڇَڙهڻ جي ڪم اچي ٿي . ڪاٺ يا پٿر جي ننڍي اُکري ، جيڪا عام طرح گول ٿئي . جنهن ۾ ٽن کان چئن انچن جو گولائيءَ ۾ قطر وارو چُڍو ( خال ) پڻ ٿئي ، سا مرچ مصالحي يا ويڳر وڙي ڪُٽڻ جي ڪتب اچي . ڇَڙهه جي ڪم ۾ ايندڙ اُکريءَ جي بناوٽ ڪجهه ٻيءَ طرح سان ٿئي ٿي ، يعني هيءَ مٿان وڏي ۽ هيٺ سوڙهي تري واري ٿئي ، جيڪا ٺِڪر جي به ٿيندي آهي ته ڪاٺ جي به ٿئي . ان وڏي اُکريءَ ۾ هر قسم جي جنس ڇڙهبي آهي ، جهڙوڪ: چانور ، ثابت مڱ ، مُهر ، مَٽر ۽ چڻا وغيره . ڇَڙهه جي ڪم ۾ ايندڙ اُکريون وڏيون به ٿين ته اُچيون به ، جن ۾ ماڻهو بيهي به ڪا شيءِ ڇڙهي سگهي .


لفظ اُکريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو