اڇوت

اڇوت: هندن ۾ 4 مکيه جاتيون يا ورڻ آهن برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر، برهمڻن کي اعليٰ يا اُچي ذات سمجهيو ويندو آهي ۽ شودرن کي گهٽ ذات جن کي اُچي ذات وارا ڇهڻ به پاپ سمجهندا آهن، ان ڪري مٿين ذات وارن هندن، گهٽ ذات وارن هندن کي اڇوت سڏيو، پر اڇوت حقيقت ۾ هندو نه آهن. اهي برصغير جا اصلوڪا رهاڪو ۽ ڪجهه وقت آزاد حڪمران هئا. هڪ نظريو آهي ته آرين جي اچڻ سان انهن جون حڪومتون ناس ڪيون ويون ۽ کين غلام بنايو ويو ۽ سندن حق کسيا ويا ۽ حياتيءَ جي هر شعبي ۾ ذليل ڪيو ويو. ايتريقدر جو اڇوت جو پاڇو پوڻ به پاپ سمجهيو ويندو هو. مهاتما گانڌيءَ، اڇوتن کي ’هريجن‘ (يعني خدا يا هريءَ جا ماڻهو) جو لقب ڏنو ۽ سندن حقن لاءِ ڪوشش ڪئي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پاڪستان حڪومت سمورين اقليتن کي تسليم ڪندي سندن حق برابر رکيا آهن پر سماج ۾ ڪٿي ڪٿي اڃا به انهن سان مت ڀيد رکيو وڃي ٿو.


لفظ اڇوتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو