اڪيواري

اڪيواري/اڪيواڙي: هي هڪ ديهه جو نالو آهي جيڪا ڪراچي ۾ آهي، موجوده حسن اسڪوائر، نيشنل اسٽيڊيم، شانتي نگر، محمد علي سوسائٽي ۽ طارق روڊ واري علائقي ۾ اڪ گهڻا هوندا هئا، ان ڪري هي علائقو اڪين واري، ”اڪن وارو پٽ“ مشهور هو، جيڪو بعد ۾ بگڙجي اڪيواري ۽ اڪيواڙي ٿيو. هن ديهه جون حدون پراڻي سبزي منڊي جي سامهون موجوده الهلال هائوسنگ سوسائٽي، آغا خان اسپتال، محمد علي سوسائٽي کان ريلوي لائين تائين، ٻئي پاسي موجوده يونيورسٽي روڊ جيڪو ڪجهه وقت اڳ تائين گڏاپ ۽ ٿاڻو بولا خان روڊ جي نالي سان مشهور هو، شهر ڏانهن ويندي هن جي کاٻي پاسي مدو ڳوٺ، سفاري پارڪ لڳ مولڙي جبل کان آمري ڍوري تائين ۽ اڳتي هلي ناٿا خان پل جي وچ تائين هن ديهه جون حدون آهن. سي او ڊي وارو فوجي علائقو، ڊالميا، سيمنٽ فيڪٽري، عزيز ڀٽي پارڪ، اردو يونيورسٽي، نيپا، سوڪ سينٽر، ضلع ڪائونسل ڪراچي جي پراڻي آفيس وارا علائقا انهيءَ ديهه ۾ آهن.


لفظ اڪيواريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو