اڱارو

اڱارو: هفتي جو ٽيون ڏينهن جنهن کي هندو منگلوار چون، اڱارو هڪ قديم سنڌي لفظ آهي. ان سان ملندڙ لفظ هندستان جي ٻين ٻولين جي قديم ادب مان به مليا آهن. جيئن راجسٿانيءَ ۾ ”آڱري وار“، مرهٽيءَ ۾ ”اڱاروار“ ۽ پراچين مهاراشٽر ۾ ”انگارء وار“، جيڪو ان ٻوليءَ جي ٻه هزار سال پراڻي ڪتاب ”ستسئي“ ۾ ڪم آيل آهي. سنسڪرت جي مشهور لغت
”امر ڪوش“ ۾ اهو ساڳيو لفظ ”انگارڪ وار“ معنيٰ ”منگلوار“ ڏنل آهي. اڱارو هندي لفظ منگل جي برابر آهي. منگل آسمان ۾ نظر ايندڙ ڳاڙهو تارو آهي، جنهن کي ’منگل ديوتا‘ جي حيثيت حاصل آهي. اهو ئي تارو قديم يونان ۽ روم جو “Mars” (ديوتا) آهي.


لفظ اڱاروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو