ميسوپوٽيميا جو مشهور مندر ارڪ

ميسوپوٽيميا جو مشهور مندر ارڪ

ميسوپوٽيميا جا ماڻهو مذهبي ڏڻ جي موقعي تي

ميسوپوٽيميا جا ماڻهو مذهبي ڏڻ جي موقعي تي

ميسوپوٽيميا جا ۾اڻهو وراڪا مندر جوڙيندي

ميسوپوٽيميا جا ۾اڻهو وراڪا مندر جوڙيندي

بابلي مذهب، مردڪ ديوتا تائمات سان وڙهندي

بابلي مذهب، مردڪ ديوتا تائمات سان وڙهندي

بابلي مذهب

بابلي مذهب: بابل جا ماڻهو گهڻن ديوتائن کي مڃيندا هئا. وڏن شهرن جا ديوتا وڏا سمجهيا ويندا هئا: مثلاً جڏهن بابل سڀني کان وڏي مرتبي وارو هوندو هو ته مردوڪ ۽ بعل ديوتائن جو سردار هو. پوڄاري بااختيار هوندا هئا. بابل جون شاندار تهذيبي رسمون، جن کي اسيريا (عراق) وڌيڪ چمڪايو، خط ميخيءَ جي تحرير ۾ محفوظ ڪيون وينديون هيون. جن ۾ آفرينش عالم، عالمگير طوفان، اشتر يا عشتار (ديوي) جي پاتال جو سير، ديوتائن ۽ بهادرن جا قصا هئا. بابل، مذهب جي معاملي ۾ سميري تهذيب جي اثر هيٺ هو ۽ ان جا وڏا وڏا منارا بلند آستانن تي سميرين جي پرستش جي ياد ڏياريندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو