بابنامو4

بابنامو4 (ڪتاب ):هيءُ ڪتابڙو ڀڳوانداس مولچند سکراڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتابڙي ۾ 16 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ آنو ڄاڻايل آهي. ڇاپو ايڪيتاليهون ڀوڄراج پوڪرداس، سنڌ پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان سال 1940ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتابڙي جو چوئيتاليهون ڇاپو ڀوڄراج پوڪرداس سال 1941ع ۾ ڇپايو ۽ اٺيتاليهون ڇاپو ساڳي پريس مان سال 1946ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو