بابونو

بابُونو: پسارڪي وکر جو هڪ قسم، جيڪو تندن وانگر سنهڙيون ڪاٺيون ٿئي. هي اصل ۾ هڪ ٻوٽيءَ جو قسم آهي، جنهن جون تندون زرديءَ مائل سفيد رنگ تي ٿينديون آهن. هن ول جو گل خوشنما ۽ پن خوشبودار هوندا آهن. حڪيمن جي چوڻ موجب هي وکر دماغ کي تقويت ڏيندڙ آهي. مختلف بيمارين لاءِ مفيد سمجهيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو