بابچِي

بابچِي: هڪ قسم جي ٻوٽي، جيڪا سنڌ ۾ گهڻي ٿئي. هن ٻوٽيءَ جا پَنَ دل جي نموني جا ۽ پاسا ڪَٽاءُ وارا ٿين ٿا ۽ اُن جو ٻج ڇُڳي جي صورت ۾ هوندو آهي، جنهن جو رنگ ڪارو ٿئي ٿو. هن ٻوٽيءَ جو ٻج دوا طور به ڪم اچي، حڪيمن جو چوڻ آهي ته خاص طور ڪوڙهه جي مرض لاءِ مفيد آهي. بابچي مارچ مهيني ۾ پوکبي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو