باجارا

باجارا: هن نالي سان ضلعي ڄامشوري جي تعلقي سيوهڻ ۾ هڪ ديهه آهي، جنهن ۾ 6 ڳوٺ آباد آهن: ’باجارا‘، ’پير بَبر شير‘، ’ٻگهيا‘، ’بڙدي‘، وغيره. باجارا ڳوٺ ۾ ڪيترائي اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا آهن. نئين ٽهيءَ ۾ رجب ٻگهيو ۽ فضا غزل، سُٺا شاعر پيدا ٿيا آهن. مشهور سُگهڙ ۽ سماجي ورڪر محمد حسن باجاري پڻ هن ڳوٺ جو رهواسي آهي.


لفظ باجاراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو